ڪوئيٽا پوليس حسان نيازي کي گرفتار ڪرڻ لاءِ اسلام آباد عدالت پهچي وئي

حسان نيازي

ڪوئيٽا پوليس پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي فوڪل پرسن حسان خان نيازي کي گرفتار ڪرڻ لاءِ اسلام آباد جي ضلعي عدالت پهچي وئي.

اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ حسان خان نيازي کي اڊيالا جيل مان ڊسٽرڪٽ ڪورٽ ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

جڊيشل مئجسٽريٽ عباس شاهه اڊيالا جيل جي سپرنٽينڊنٽ حسان خان کي طلب ڪرڻ جو سمن جاري ڪري ڇڏيو.

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي فوڪل پرسن حسان نيازي خلاف 18 مارچ تي ڪوئيٽا ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو هو.

حسان خان نيازي خلاف ڪوئيٽا ٿاڻي ۾ ڀڃ ڊاهه جي دفعات تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

Read Previous

عمران خان لاهور هاءِ ڪورٽ پهچي ويو

Read Next

پاڪستاني هاڪي رانديگر حنان شاهد ايشيا جو ايمرجنگ پليئر 2022 قرار

Most Popular