جڊيشل ڪمپليڪس ۾ ڀڃ ڊاهه ڪيس؛ پي ٽي آءِ اڳواڻن جي ضمانت منظور

عمران خان

چيئرمين تحريڪ انصاف عمران خان جي پيشي جي موقعي تي جڊيشل ڪمپليڪس ۾ ڀڃ ڊاه ڪيس ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻن جي ضمانت منظور ڪئي وئي.

اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻ امجد خان نيازي سميت 60 گرفتار جوابدارن جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪيو هو.

عدالت پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي 50 هزار 500 رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي.

ان کان علاوه پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير، اعظم سواتي جي به ضمانت منظور ڪئي وئي.

بابر اعواڻ عدالت کي درخواست ڪئي ته اعظم سواتي واقعي واري هنڌ موجود نه هئڻ سبب ضمانت منظور ڪئي وڃي.

عدالت اعظم سواتي جي 5 اپريل تائين 50 هزار رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي.

Read Previous

ٽوئيٽر اڪائونٽس تان ’بلو ٽڪ‘ هٽائڻ جي تاريخ سامهون اچي وئي

Read Next

اٽارني جنرل پاڪستان شهزاد عطاءُ الاهي استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

Most Popular