اٽارني جنرل پاڪستان شهزاد عطاءُ الاهي استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

اٽارني جنرل آف پاڪستان بئريسٽر شهزاد عطاءُ الاهي پنهنجي مقرري جي ست هفتن اندر استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.

ذريعن موجب شهزاد عطا الاهي ذاتي سببن جي ڪري اٽارني جنرل آف پاڪستان جي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي، کيس 2 فيبروري تي اٽارني جنرل آف پاڪستان مقرر ڪيو ويو هو.

منصور عثمان اعواڻ جي عهدو نه سنڀالڻ سبب بئريسٽر شهزاد عطاءُ الاهي کي اٽارني جنرل مقرر ڪيو ويو.

صدر ڊاڪٽر عارف علوي کيس آئين جي آرٽيڪل 100 (1) ۽ رولز آف بزنس تحت هن عهدي تي مقرر ڪيو آهي.

ياد رهي ته اٽارني جنرل آف پاڪستان جو عهدو وفاقي وزير جي عهدي جو هوندو آهي.

Read Previous

جڊيشل ڪمپليڪس ۾ ڀڃ ڊاهه ڪيس؛ پي ٽي آءِ اڳواڻن جي ضمانت منظور

Read Next

اداڪار اڪشي ڪمار فلم جي شوٽنگ دوران زخمي

Most Popular