ڪوئيٽا جي عدالت حسان نيازي جي ضمانت منظور ڪري ورتي

Hassaan niazi

ڪوئيٽا جي عدالت اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي ڀائيٽي ۽ قانوني معاملن واري فوڪل پرسن حسان نيازي جي ضمانت منظور ڪري ورتي.

حسان نيازي کي جڊيشل مئجسٽريٽ 3 جميل احمد جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جڏهن ته پوليس سندس 5 ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي استدعا ڪئي.

جوابدار جي وڪيل عدالت کان ضمانت جي درخواست ڪئي، جيڪا منظور ڪئي وئي، عدالت حسان نيازي کي هڪ لک رپين جا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.

ياد رهي ته گذريل ڏينهن اڳوڻي وزيراعظم جي ڀائٽي کي زمان پارڪ آپريشن دوران پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي رياستي معاملن ۾ مداخلت ڪرڻ تي ڀڙڪائڻ جي الزام ۾ اسلام آباد کان ڪوئيٽا ايئرپورٽ ٿاڻي تي منتقل ڪيو ويو هو.

اسلام آباد پوليس اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي فوڪل پرسن ۽ ڀائيٽي حسن نيازي کي توشه خانه ڪيس ۾ پيشي جي موقعي تي جڊيشل ڪمپليڪس ۾ ڀڃ ڊاهه ڪرائڻ جي الزام ۾ حراست ۾ ورتو هو.

Read Previous

عمران خان جي دهشتگردي جي ٽن ڪيسن ۾ عبوري ضمانت منظور

Read Next

ميٽا جي سي اي او مارڪ زڪربرگ پاران پنهنجي ٽئين نياڻي جي آجيان

Most Popular