دهشتگرد مينار پاڪستان جلسي کي نشانو بڻائي سگهن ٿا، الرٽ جاري

PTI-jalsa-lhr

مينار پاڪستان تي تحريڪ انصاف جي جلسي ۾ دهشتگردي جي خطري کي نظر ۾ رکندي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي.

الرٽ ۾ چيو ويو آهي ته پابندي مڙهيل تنظيم شرڪت ڪندڙن يا پي ٽي آءِ اڳواڻن کي نشانو بڻائي سگهي ٿي، دهشتگرد عمران خان جي رهائشگاهه زمان پارڪ کي به نشانو بڻائي سگهن ٿا.

الرٽ جي جواب ۾ پوليس، ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ ۽ ٻين ادارن کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن ته پي ٽي آءِ قيادت ۽ جلسن کي سيڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي.

پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته سمورن شرپسندن جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ سيڪيورٽي جا انتظام ڪيا پيا وڃن.

پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ برطرف وزيراعظم عمران خان اڄ مينار پاڪستان تي پاور شو ڪندو، پنجاب حڪومت سان ڪيترن ئي هفتن جي تڪرار کانپوءِ پنهنجي چونڊ مهم جي شروعات ڪندو.

Read Previous

ڪي پي جي گورنر به 8 آڪٽوبر تائين چونڊون ملتوي ڪرڻ لاءِ خط لکي ڇڏيو

Read Next

شرجيل انعام ميمڻ انفارميشن ڪال سينٽر قائم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

Most Popular