شرجيل انعام ميمڻ انفارميشن ڪال سينٽر قائم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

sharjeel memon

اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ انفارميشن ڪال سينٽر قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

اطلاعات کاتي جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ واري اجلاس جي صدارت ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته اطلاعات کاتي تحت انفارميشن ڪال سينٽر قائم ڪيو ويندو.

صوبائي وزير چيو ته سنڌ حڪومت جي سمورن کاتن کي انفارميشن ڪال سينٽر سان ڳنڍيو ويندو.

ڪال سينٽر سنڌ حڪومت جي پاليسين ۽ قدمن بابت بروقت ۽ مستند معلومات فراهم ڪندو ۽ حڪومت خلاف ڪوڙي خبرن ۽ جعلي پروپيگنڊا کي به منهن ڏيندو.

صوبائي وزير اطلاعات واري سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته انفارميشن ڪال سينٽر جي پي سي ون فوري طور تي تيار ڪئي وڃي.

اجلاس ۾ اطلاعات کاتي جي ڪارڪردگي جو به جائزو ورتو ويو، شرجيل انعام ميمڻ چيو ته کاتي جي ڪارڪردگي کي بهتر ۽ سنڌ حڪومت جي ترقياتي منصوبن جي صحيح پبلسٽي کي يقيني بڻايو وڃي.

هن چيو ته سنڌ حڪومت هر کاتي ۾ شاندار ڪم ڪيو آهي، عوام کي آگاهي ڏيڻ اطلاعات کاتي جي ذميواري آهي، سيڪريٽري اطلاعات کي هدايت ڪئي ته پاليسي جون هدايتون ڏنيون آهن، مان نتيجا چاهيان ٿو.

شرجيل ميمڻ چيو ته سوشل ميڊيا ونگ تي ڌيان ڏنو وڃي ۽ ان جي ڪارڪردگي کي وڌيڪ بهتر بڻايو وڃي.

Read Previous

دهشتگرد مينار پاڪستان جلسي کي نشانو بڻائي سگهن ٿا، الرٽ جاري

Read Next

عمران جي حمايت ۾ پرڏيهي قوتون سامهون آيون، لارجر گيم جي جاچ ٿيڻ گهرجي: شرجيل ميمڻ

Most Popular