ڪي پي جي گورنر به 8 آڪٽوبر تائين چونڊون ملتوي ڪرڻ لاءِ خط لکي ڇڏيو

گورنر ڪي پي

اسلام آباد: خيبرپختونخواهه جي گورنر حاجي غلام علي اليڪشن ڪميشن تي زور ڏنو آهي ته دهشتگردي جي وڌندڙ ڪاررواين کي نظر ۾ رکندي صوبي ۾ عام چونڊون 8 آڪٽوبر تي ڪرايون وڃن.

چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا کي لکيل خط ۾ گورنر چيو آهي ته چونڊون 28 مئي بدران آڪٽوبر ۾ ٿيون ته اهو عوام ۽ رياست جي مفاد ۾ هوندو.

سڪيورٽي ۽ مالياتي ادارن پاران ايندڙ چونڊن دوران اليڪشن ڪميشن کي سهڪار نه ڏيڻ کانپوءِ اليڪشن ڪميشن پنجاب چونڊن جو اڳوڻو اعلان واپس وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

گورنر چيو ته اتر اولهه صوبي ۾ روزاني جي بنياد تي دهشتگرد ڪاررواين جي هڪ نئين لهر اچي رهي آهي.

هن چيو ته دهشتگردن جي وڏين ڪاررواين ۾ اتر وزيرستان ۾ سرحد پار فائرنگ، ڪوهاٽ ۾ آرمي جي گاڏي تي دستي بم ڌماڪو، 15 مارچ تي ڏکڻ وزيرستان ۾ دهشتگردن سان فائرنگ جي ڏي وٺ ۽ 19 مارچ تي باڙه پوليس اسٽيشن خيبر تي اڻڄاتل دهشتگردن فائرنگ ڪئي.

وڌيڪ واقعن جو حوالو ڏيندي هن چيو ته ڊي آءِ خان ۾ پوليس اسٽيشن تي دهشتگردن حملو ڪيو جنهن بعد پاڪ فوج سرچ آپريشن ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ 21 ۽ 22 مارچ جي وچ واري رات 3 جوان شهيد ٿي ويا.

Read Previous

ميٽا جي سي اي او مارڪ زڪربرگ پاران پنهنجي ٽئين نياڻي جي آجيان

Read Next

دهشتگرد مينار پاڪستان جلسي کي نشانو بڻائي سگهن ٿا، الرٽ جاري

Most Popular