عمران جي حمايت ۾ پرڏيهي قوتون سامهون آيون، لارجر گيم جي جاچ ٿيڻ گهرجي: شرجيل ميمڻ

Sharjeel memon

ڪراچي: اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پاڪستان جي سالميت سان کيڏيو پيو وڃي، هن ملڪ کي ڪمزور ڪرڻ جي سازش ۾ جيڪي ماڻهو استعمال ڪيا ٿي رھيا آھن، اهي پاڪستاني آهن.

شرجيل ميمڻ چيو ته هن ملڪ کي ڪمزور ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي پئي وڃي، مرحوم ڊاڪٽر اسرار احمد ۽ مرحوم عبدالستار ايڌي پاڪستان جون غير جانبدار شخصيتون رھيون آهن، جن عمران خان جي وزيراعظم بڻجڻ کان گهڻو اڳ ئي عمران خان جي اصليت پڌري ڪري ڇڏي هئي.

هن چيو ته ڊاڪٽر اسرار احمد واضح طور تي ٻڌايو هو ته عمران خان اسرائيل ۽ يهودين جي اشارن تي ھلي رهيو آهي، عبدالستار ايڌي پڻ عمران خان جي سازشن جي نشاندهي ڪري چڪو آهي ته ڪيئن هو شهيد محترما بينظير ڀٽو جي حڪومت ڪيرائڻ لاءِ حميد گل سان گڏجي ھن وٽ آيو هو.

ان موقعي تي اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ڊاڪٽر اسرار احمد ۽ عبدالستار ايڌي، مرحوم ارشد شريف جون وڊيو ڪلپس پڻ ميڊيا کي ڏيکاريون.

هن چيو ته صدر عارف علوي غير قانوني ۽ غير آئيني ڪمن ۾ ملوث رهيو آهي، ان جو مواخذو ٿيڻ گهرجي پر ان لاءِ اسيمبلي نمبرز جي ضرورت آهي.

هن چيو ته صدر عارف علوي پي ٽي آئي جي غيرقانوني ۽ غير آئيني ڪمن دوران خاموش ڇو رهيو، هن ان وقت خط ڇو نه لکيا. عارف علوي جو پٽ سوشل ميڊيا سيل جي سربراهي ڪري رهيو آهي ۽ ادارن خلاف مهم هلائڻ ۾ اڳيان اڳيان آهي.

ھن چيو ته صدر مملڪت قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر جي غير آئيني رولنگ تي قومي اسيمبلي تحليل ڪئي، صدر عارف علوي غير آئيني قدم کنيو ته ان خلاف آرٽيڪل 6 تحت ڪارروائي ڇو نه ڪئي وئي.

هن چيو ته ساهيوال سانحي ۾ 6 جوابدارن کي ثبوت نه هئڻ سبب بري ڪيو ويو، بيگناهه ماڻهن کي قتل ڪيو ويو، پنجاب سي ڊي اهلڪارن کي مڪمل تحفظ فراهم ڪيو ويو، ان وقت وزيراعظم ۽ پنجاب جو وڏو وزير ڪير هو، ان وقت صدر جون اکيون ڇو بند هيون، هن انساني حقن جي ڳالهه ان وقت ڇو نه ڪئي؟

صوبائي وزير اطلاعات مطالبو ڪيو ته اعليٰ سطحي ڪميشن جوڙي وڃي ته ملڪ خلاف عمران خان جي مشن ۾ ڪير ڪير ساڻس گڏ آهي ۽ انهن جي غيرقانوني ۽ غيرآئيني ڪمن کي جاچ ڪميشن تحت ڏٺو وڃي.

هن چيو ته عمران خان ڪنهن شخص يا ڪنهن سياسي پارٽي خلاف نه پر ملڪ خلاف خطرناڪ سازشون ڪري رهيو آهي، اسان کي هن ملڪ جي سلامتي ۽ استحڪام لاءِ متحد ٿيڻو پوندو.

هن چيو ته پرڏيهي سازشن ۾ اندروني ماڻهو استعمال ڪيا پيا وڃن، عمران خان يهودي لابي جي ايجنڊا تي ڪم ڪري رهيو آهي، اها لارجر گيم آهي، ان جي جاچ ٿيڻ گهرجي.

هن چيو ته مرحوم ارشد شريف به پنهنجي پروگرام ۾ عمران خان جي پرڏيهي فنڊنگ تي سوال اٿاريا ۽ پنھنجي پروگرام ۾ پي ٽي آءِ کي ڀارت ۽ اسرائيل کان مليل فنڊنگ جا ثبوت ڏيکاريا ھئا.

هن چيو ته اهي سڀ ڳالهيون هڪٻئي سان جڙيل آهن، عوام کي سوچڻ گهرجي ته اسان جي لاءِ سڀ ڪجهه اسان جو ملڪ آهي.

هن چيو ته عمران خان جو چهرو عوام جي سامهون اچي چڪو آهي، آءُ سمجهان ٿو ته هي پهريان ئي نااهل ٿي چڪو آهي، قانون جي شاگردن کي چئلينج ڪري ٿو ته ڇا ٻارن کي لڪائڻ نااهلي ناهي.

هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي هڪ اڳواڻ کي ان بنياد تي نااهل ڪيو ويو ته هن پنھنجي نامزدگي ڪاغذن ۾ پنهنجي خاندان جي ماڻهن جا نالا ظاهر نه ڪيا هئا.

هن چيو ته مرحوم ارشد شريف به پنهنجي پروگرام ۾ عمران خان جي فارين فنڊنگ تي سوال اٿاريا ۽ پي ٽي آءِ کي ڀارت ۽ اسرائيل کان مليل فنڊنگ جا ثبوت به پنهنجي پروگرام ۾ ڏيکاريا.

هن چيو ته اهي سڀ ڳالهيون هڪٻئي سان جڙيل آهن، ماڻهن کي سوچڻ گهرجي ته اسان جي لاءِ سڀ ڪجهه اسان جو ملڪ آهي.

هن چيو ته هو زلمي خليل زاد ۽ ٻين جي پاڪستان خلاف بيانن جي سخت مذمت ڪريون ٿا، ان معاملي تي پرڏيهي وزارت مناسب جواب ڏنو ويو آهي.

هن چيو ته ٻلي ٿيلهي مان ٻاهر نڪري آئي آهي، پرڏيهي قوتون مداخلت ڪري رهيون آهن. هن چيو ته عمران خان جو چهرو عوام آڏو ظاھر ٿي ويو آهي، مان سمجهان ٿو ته هو اڳ ئي نااهل ٿي چڪو آهي.

هن چيو ته عمران خان پنهنجي ڌيءَ کي مڃڻ کان انڪاري آهي. . هن چيو ته هو قانون جي شاگردن کي چئلينج ڪري ٿو ته ڇا ٻارن کي لڪائڻ نااهلي ناهي.

هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي هڪ اڳواڻ کي ان بنياد تي نااهل ڪيو ويو ته هن پنھنجي نامزدگي ڪاغذن ۾ پنهنجي خاندان جي ڀاتي جو نالو ظاهر نه ڪيو هو.

هن چيو ته رمضان المبارڪ جي بابرڪت مهيني ۾ عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ ڪابينا اھم فيصلا ڪيا هئا ، جنهن تحت صوبي جي مختلف شهرن ۾ 135 سستون بازارون لڳايون ويون آهن.

هن چيو ته 78 لک خاندانن کي اٽي جي خريداري تي سبسڊي ڏني پئي وڃي، جنهن تي 15.6 ارب رپيا خرچ ٿي رهيا آهن.

هن چيو ته سنڌ جي وڏي وزير سمورن ڪمشنرن ۽ ڊپٽي ڪمشنرن کي حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن ته هو ذخيرو ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪن.

هن چيو ته ضلعي انتظاميا جي آفيسرن سميت فوڊ انسپيڪٽرن ۽ سپلاءِ اينڊ پرائسز کاتي جا آفيسر شين جي اگهن تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ فعال آهن.

هن چيو ته اٽي تي ٽارگيٽ سبسڊي ڏني پئي وڃي، بي آءِ ايس پي ۽ لاڳاپيل بئنڪ ان تي ڪم ڪري رهي آهي، هن وقت تائين 23 لک ماڻهن جو ڊيٽا اچي چڪو آهي، مجموعي طور تي 78 لک خاندانن کي اٽي جي خريداري جي مد ۾ رقم ڏني پئي وڃي اهو عمل جلد شروع ٿيندو.

Read Previous

شرجيل انعام ميمڻ انفارميشن ڪال سينٽر قائم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

Read Next

دادو انتظاميا به بچت بازار جي نالي تي فوٽو سيشن ڪرائڻ رڌل

Most Popular