دادو انتظاميا به بچت بازار جي نالي تي فوٽو سيشن ڪرائڻ رڌل

Dadu Bachat bazar

دادو ( رپورٽ: سخي سردار چارڻ ) دادو انتظاميا به بچت بازار جي نالي تي فوٽو سيشن ڪرائڻ رڌل آهي، شهري اعلانيل رليف کان محروم بڻجي ويا.

سنڌ حڪومت جي هدايتن جي روشنيءَ ۾ ضلعي انتظاميا طرفان لڳايل بچت بازار به عوام کي لاڀ پهچائي نه سگهي.

انتظاميا فروٽ جي ريڙهن وارن کي گهرائي فوٽو سيشن ڪرائڻ بعد اماڻي ڇڏيو، شهري سستي فروٽ لاءِ دربدر ٿي ويا.

شهري آفيسرن کي پٽون ۽ پاراتا ڏيندا رھيا ، ٽئين روزي تي به مختلف علائقن ۾ چانھه ۽ ماني جون ھوٽلون کليل رھيون.

Read Previous

عمران جي حمايت ۾ پرڏيهي قوتون سامهون آيون، لارجر گيم جي جاچ ٿيڻ گهرجي: شرجيل ميمڻ

Read Next

گمس جي اهم عمارت کي باهه، ڪروڙين رپين جون دوائون سڙي ويون

Most Popular