دنيا ۾ مالياتي استحڪام لاءِ خطرا وڌي ويا آهن: آئي ايم ايف

ڪرسٽالينا جارجيوا

عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي سربراهه ڪرسٽالينا جارجيوا بيجنگ ۾ هڪ تقرير ۾ چيو ته مالي استحڪام لاءِ خطرا وڌي ويا آهن ۽ هن مارڪيٽ جي دٻاءُ کي گهٽائڻ لاءِ ترقي يافته معيشتن کان قدم کڻڻ جو مطالبو ڪندي مسلسل نگراني تي زور ڏنو.

آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر پنهنجي خطاب ۾ چيو ته 2023 هڪ ٻيو مشڪل سال هوندو، جنهن ۾ وبائي مرض، يوڪرين ۾ جنگ ۽ مالي سختي سبب عالمي ترقي 3 سيڪڙو کان به گهٽ ٿيندي.

هن چائنا ڊولپمينٽ فورم ۾ چيو ته 2024 لاءِ بهتر نقطه نظر باوجود، عالمي ترقي پنهنجي تاريخي اوسط 3.8 سيڪڙو کان گهٽ رهندي ۽ مجموعي نقطه نظر ڪمزور رهندو.

جارجيوا چيو ته ترقي يافته معيشتن ۾ پاليسي سازن بينڪن تباهيءَ کي نظڙ ۾ رکي مالي استحڪام جي خطرن بابت فيصلائتو جواب ڏنو آهي، مارڪيٽ جي دٻاءُ کي ڪجهه حد تائين گهٽائڻ ۾مدد ملي، پر مسلسل نگراني جي ضرورت آهي.

Read Previous

قومي ٽيم ۾ افغانستان خلاف ٻي ٽوئنٽي ميچ ۾ هڪ تبديلي جو امڪان

Read Next

وڌيڪ اگهه وٺندڙن جي شڪايت ڪئي وڃي، ڀرپور ڪارروائي ٿيندي: مرتضيٰ وهاب

Most Popular