وڌيڪ اگهه وٺندڙن جي شڪايت ڪئي وڃي، ڀرپور ڪارروائي ٿيندي: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي: سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته شين جا وڌيڪ اگهه وصول ڪندڙ منافعي خورن خلاف شڪايت ڪئي وڃي ته ڀرپور ڪارروائي ڪنداسين.

مرتضيٰ وهاب ڪمشنر ڪراچي محمد اقبال ميمڻ، ڊپٽي ڪمشنر ڪراچي مختيار علي ابڙي ۽ ڊي سي ڏکڻ سان گڏجي ڏکڻ ضلعي ۽ ڪياماڙي ضلعي جي مختلف علائقن جو دورو ڪري کاڌي پيتي جي شين جي اگهن جو جائزو ورتو.

مرتضيٰ وهاب ڊي سي مختيار علي ابڙي ۽ ڊي سي ڏکڻ کي ھدايتون جاري ڪيون ته منافعي خورن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وڃي.

هن ڪياماڙي ضلعي جي دوري دوران پاڪ ڪالوني ۽ بسم الله هوٽل مارڪيٽ جو به دورو ڪيو ۽ واڌ اگهه وٺندڙن خلاف ڪارروائي جا حڪم جاري ڪيا.

مرتضيٰ وهاب شهرين سان شين جي اگهن تي ڳالهيون به ڪيو ۽ چيو ته وڌيڪ اگهه تي شيون وڪرو ڪندڙن خلاف لاڳاپيل اختيارين کي شڪايت ڪئي وڃي، سنڌ حڪومت منافع خورن خلاف ڪارروائي ڪندي.

Read Previous

دنيا ۾ مالياتي استحڪام لاءِ خطرا وڌي ويا آهن: آئي ايم ايف

Read Next

عمران جوڊيشل اسٽيبلشمينٽ ذريعي سليڪٽ ٿيڻ چاهي ٿو: مريم نواز

Most Popular