عمران خان مُلڪي سياست کي ان مقام تائين پهچائي ڇڏيو آهي: راڻا ثناءُ الله

راڻا ثناءُ الله

اسلام آباد: وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته هاڻي عمران خان رهندو يا اسان، پنهنجي وجود سان ڪن لاٽار تي هر حد تائين وينداسين.

هڪ انٽرويو ۾ راڻا ثناءُ الله چيو ته عمران خان سياست ۾ جهموري روايتن ۽ پرامن سياسي ماحول تي يقين نٿو رکي پر هن سياست کي دشمني بڻايو آهي.

هن چيو ته اسان کي پنهنجو دشمن سمجهي ٿو پر اسان کيس پنهنجو سياسي مخالف سمجهندا هئاسين، هاڻي هو به دشمن آهي.

وفاقي گهرو وزير چيو ته اسان هر حد تائين وينداسين جنهن ۾ اصولي، غير اصولي، جهموري ۽ غير جهموري هئڻ واري ڳالهه ختم ٿي ويندي.

Read Previous

عمران جوڊيشل اسٽيبلشمينٽ ذريعي سليڪٽ ٿيڻ چاهي ٿو: مريم نواز

Read Next

راڌڻ ۾ شهرين جو ٽرين سروس بحال نه ٿيڻ خلاف ريلوي اسٽيشن تي احتجاج

Most Popular