عمران جوڊيشل اسٽيبلشمينٽ ذريعي سليڪٽ ٿيڻ چاهي ٿو: مريم نواز

مريم نواز

عمران خان طرفان مُلڪ ۾ تُرت چونڊن ڪرائڻ وارو مطالبو انڪري پيو ڪري جو آڪٽوبر ۾ سُپريم ڪورٽ جو نئون چيف جسٽس هوندو، چونڊن کان نٿا ڊڄون، پر انصاف جي ساهمي جا ٻئي پاسا برابر ڪرڻا پوندا.

لاهور ۾ لائيرز ونگ عهديدارن کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته عمران خان جڊيشل اسٽيبلشمينٽ جي مدد سان سليڪٽ ٿيڻ چاهي ٿو، جنرل ( ر ) باجوا چيو ته هي خطرناڪ شخص آهي، هاڻي هن جڊيشل اسٽيبلشمينٽ ڳولي ورتي، زالن جي چوڻ تي عدالتي فيصلا ٿيندا هئا.

موجوده بحران ان وقت جنم ورتو، جڏهن حمزه شهباز جي حڪومت ۾ 25 ميمبرن کي تحريڪ انصاف جي جهوليءَ ۾ وجهڻ لاءِ سپريم ڪورٽ آئين کي ري رائيٽ ڪيو، اهو آئين ۽ قانون تي وڏو ڪارو داغ آهي.

پي ٽي آءِ جي سموري سياست انهيءَ ڳالهه تي دارومدار رکي ٿي ته ڪهڙي مقرري ڪڏهن ٿيندي آهي، پهريان انهن سان اسٽيبلشمينٽ جا ڪردار هئا، اهي ويا ته هاڻي جوڊيشل اسٽيبلشمينٽ ڳولي ورتي آهي.

پاناما بينج جي فيصلي واري ڏينهن جسٽس کوسا، جسٽس ثاقب نثار يا ٻين ججن جا ٻار ۽ زالون عدالت ۾ موجود هئا، انهن کي اڳ ئي علم هو ته سندن چوڻ تي فيصلا ٿين پيا.

Read Previous

وڌيڪ اگهه وٺندڙن جي شڪايت ڪئي وڃي، ڀرپور ڪارروائي ٿيندي: مرتضيٰ وهاب

Read Next

عمران خان مُلڪي سياست کي ان مقام تائين پهچائي ڇڏيو آهي: راڻا ثناءُ الله

Most Popular