ڪنڊياري ۾ مهانگائي بي قابو، عام واهپي جي شين جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافو

ڪنڊيارو (رپورٽ: عبدالحفيظ ملاح) ڪنڊياري ۾ مهانگائي تي ضابطو نه اچي سگهيو، عام واهپي جي شين جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافو ٿي ويو.

اسسٽنٽ ڪمشنر جون نالي ماتر ڪاروايون، شھرين سستي سامان وارا اسٽال انتظاميا جو ڍونگ قرار ڏئي ڇڏيا.

شهرين جو چوڻ آهي ته شھر جي هر بازار ۽ مارڪيٽ ۾ عام واهپي جي شين جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافو ڪيو ويو آھي پر انتظامي رٽ ڪٿي به نظر نٿي اچي.

هنن چيو ته نئين ۽ پراڻي اگهه جو بهانو بڻائي اٽي، چانور، گيهه، کنڊ، ڀاڄين، گوشت ۽ مڇي جا هٿ ٺوڪيا اگهه مقرر ڪيا ويا.

Read Previous

راڌڻ ۾ شهرين جو ٽرين سروس بحال نه ٿيڻ خلاف ريلوي اسٽيشن تي احتجاج

Read Next

دادو واسڻ ناري ڪراچي مان پراسرار نموني گم، وارثن پاران اغوا جو شڪ ظاهر

Most Popular