دادو واسڻ ناري ڪراچي مان پراسرار نموني گم، وارثن پاران اغوا جو شڪ ظاهر

دادو ( رپورٽ: سخي سردار چارڻ ) ڪراچي جي ڀٽائي آباد مان دادو واسي 13 ورهين جي نينگري چئن ڏينهن کان گم ٿي وئي، جنهن جي اغوا جو ٻن ڄڻن تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

ڀٽائي آباد مان 13جي سهانه ڌيءَ مصطفيٰ چارڻ گهران گم ٿي ويئي، ڪوبه پتو نه پوڻ سبب وارثن ۾ پريشانيءَ جي لهر پکڙيل آهي.

وارثن پاران شڪ جي بنياد تي2 ڄڻن خلاف ملير ڪينٽ ٿاڻي تي ايف آئي آر داخل ڪرائي وئي، ڪابه گرفتاري نه ٿي.

وارثن چتاءُ ڏنو آهي ته جوابدار گرفتار ڪري نياڻي کي بازياب ڪرايو وڃي، ٻي صورت ۾ چارڻ برادري پوليس خلاف روڊ تي نڪري ايندي.

Read Previous

ڪنڊياري ۾ مهانگائي بي قابو، عام واهپي جي شين جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافو

Read Next

حيدرآباد پوليس ڄامشوري مان کنڀيل شخص جي گرفتاري ظاهر نه ڪئي، وارث عورت جو احتجاج

Most Popular