اسلام آباد: سپريم ڪورٽ پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ عام چونڊون ڪرائڻ لاءِ تحريڪ انصاف جي درخواستن تي اڄ ٻڌڻي مقرر ڪري ڇڏي.
چيف جسٽس، جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي لارجر بئنچ پي ٽي آءِ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪندي
لارجر بئنچ ۾ جسٽس اعجاز الاحسن، جسٽس جمال خان مدو خيل، جسٽس منيب اختر شيخ ۽ جسٽس امين الدين شامل آهن.
پاڪستان تحريڪ انصاف اليڪشن ڪميشن طرفان پنجاب ۾ چونڊون 8 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪرڻ خلاف سپريم ڪورٽ ۾ توهين عدالت جي درخواست داخل ڪئي هئي