حسان نيازي ٻن ڏينهن جي راهداري ريمانڊ تي ڪراچي پوليس حوالي

حسان نيازي

لاهور: دهشتگردي جي انت واري خاص عدالت چيئرمين تحريڪ انصاف عمران خان جي فوڪل پرسن بئريسٽر حسان نيازي کي ٻن ڏينهن جي راهداري رمانڊ تي ڪراچي منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

پوليس حسان نيازي کي دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ پيش ڪري استدعا ڪئي ته کيس ڪراچي جي عدالت ۾ پيش ڪرڻو آهي.

حسان نيازي خلاف جمشيد ڪوارٽر ٿاڻي تي چڙ ڏياريندڙ تقرير ڪرڻ تي ڪيس داخل ڪيو ويو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته حسان نيازي کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڪراچي پوليس پنجاب رواني ٿي سگهي ٿي، جنهن کي آچر تي 7 ڏينهن جي رمانڊ تي لاهور پوليس حوالي ڪيو ويو هو.

Read Previous

پيمرا اسلام آباد ۾ جلسن ۽ جلوسن جي لائيو يا رڪارڊ ٿيل ڪوريج تي پابندي لڳائي ڇڏي

Read Next

پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جي چونڊن ۾ دير بابت ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن، مرڪز ۽ گورنرن کان جواب طلب

Most Popular