پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جي چونڊن ۾ دير بابت ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن، مرڪز ۽ گورنرن کان جواب طلب

جسٽس منيب اختر

سپريم ڪورٽ پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ عام چونڊون ملتوي ڪرڻ خلاف تحريڪ انصاف جي درخواست تي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪندي اليڪشن ڪميشن ۽ وفاقي حڪومت کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو.

عدالت پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جي گورنرن کان به سڀاڻي11 وڳي تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي.

چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي لارجر بينچ ۾ جسٽس اعجاز الاحسن، جسٽس جمال خان مندوخيل، جسٽس منيب اختر شيخ ۽ جسٽس امين الدين خان شامل آهن.

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس عمر عطا بنديال پڇاڻو ڪيو ته ڇا اليڪشن ڪميشن صدر طرفان ڏنل چونڊن جي تاريخ تبديل ڪري سگهي ٿي؟ هن چيو ته هو حقيقتن کان ڀڄي نٿا سگهن، چونڊون سٺي ماحول ۾ ئي ٿي سگهن ٿيون.

چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته قانون ۽ آئين عوام جي تحفظ لاءِ ٺاهيو ويو آهي، ملڪ جون حالتون انتهائي سنگين آهن، سڀ هڪ ٻئي سان ٽڪراءَ ۾ نظر اچن ٿا.

هن چيو ته چونڊون منصفاڻيون، پرامن ۽ شفاف ٿيڻ گهرجن، اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ چونڊون 40 ڏينهن لاءِ ملتوي ڪيون ويون.

ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت کي درخواست ڪئي ته نئين اٽارني جنرل جي مقرري نه ٿيڻ سبب ٻڌڻي 2 کان 3 ڏينهن تائين ملتوي ڪئي وڃي پر عدالت اها درخواست رد ڪري ڇڏي.

ان کان اڳ سپريم ڪورٽ جي 5 رڪني لارجر بينچ پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ عام چونڊون ملتوي ڪرڻ خلاف تحريڪ انصاف جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

واضح رهي ته 22 مارچ تي اليڪشن ڪميشن ملڪ ۾ امن امان جي خراب صورتحال ۽ سڪيورٽي اهلڪارن جي عدم موجودگي سبب چونڊون 5 مهينن کان وڌيڪ ملتوي ڪيون هيون.

Read Previous

حسان نيازي ٻن ڏينهن جي راهداري ريمانڊ تي ڪراچي پوليس حوالي

Read Next

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمران خان جي 7 ڪيسن ۾ عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي

Most Popular