اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمران خان جي 7 ڪيسن ۾ عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي 7 ڪيسن ۾ عبوري ضمانت منظور ڪندي پوليس کي گرفتاري کان روڪي ڇڏيو.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب تي ٻڌل بينچ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي گرفتاري کان اڳ ضمانت لاءِ درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

عمران خان جوڊيشل ڪمپليڪس ۾ ڀڃ ڊاهه سميت دهشتگردي جي 7 ڪيسن ۾ حفاظتي ضمانت لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي هئي، جيڪي اسلام آباد جي رمنا، سي ٽي ڊي ۽ گولرا ٿاڻن ۾ داخل آهن.

عمران خان عدالت کي ٻڌايو ته ملڪ غير معمولي صورتحال مان گذري رهيو آهي، منهنجي جان کي خطرو آهي.

پي ٽي آءِ جي آفيشل ٽوئيٽر اڪائونٽ تي جاري ڪيل وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته پي ٽي آءِ چيئرمين عدالت جي احاطي ۾ پهچي رهيو آهي ۽ اسلام آباد پوليس جي وڏي نفري سندس گاڏين جو گهيرو ڪري رهي آهي.

پي ٽي آءِ اڳواڻ مراد سعيد، مسرت چيما ۽ ٻيا به ساڻس گڏ هئا، عدالتن ۾ پيش ٿيڻ جو فيصلو عمران خان جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ ڪيو ويو.

آچر تي ٿيل اجلاس ۾ عمران خان عدالت ۾ پيشي جي پلان کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ پارٽي ميمبرن سان صلاح مشورا ڪيا.

اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پي ٽي آءِ سربراهه سومر جي صبح ٻڌڻي ۾ شرڪت لاءِ اسلام آباد روانو ٿيندو، فواد چوڌري پارٽي جي قانوني ٽيم سميت اسلام آباد روانو ٿي چڪو هو.

Read Previous

پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جي چونڊن ۾ دير بابت ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن، مرڪز ۽ گورنرن کان جواب طلب

Read Next

عمران خان خلاف ڪيسن تفصيلن تي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي

Most Popular