سنڌ جي وحدت ۽ سنڌي قوم جي خودمختياري خلاف هميشه سازشون ٿيون آهن،قادر مگسي

حيدرآباد (رپورٽ: نسيم احمد سھتو) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته سنڌ هڪ تاريخي، قديم ۽ لازوال مادر وطن آهي، ان جي هر انچ جي حفاظت ڪنداسين، سنڌ خلاف ٿيندڙ هر سازش کي ناڪام بڻائينداسين.

سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي جي صدارت هيٺ ڊجيٽل مردم شماري خلاف احتجاجي تحريڪ جو جائزو وٺڻ لاءِ سينيئر اڳواڻن جو اجلاس ٿيو.

اجلاس کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌ جي وحدت ۽ سنڌي قوم جي خودمختياري خلاف هميشه سازشون ٿينديون رهيون آهن، پر سنڌ جي عوام انهن کي هميشه ناڪام بڻايو آهي.

هن چيو ته ڊجيٽل آدمشماري ٿي رهي آهي، اها سنڌ خلاف سازش آهي، وفاقي حڪومت پيپلز پارٽي سان گڏ بيٺي آهي.

هن چيو ته وفاقي حڪومت پنهنجي اقتدار کي ڊگھو ڪرڻ لاءِ وقت کان اڳ آدمشماري ڪرائي آهي، جيڪڏهن اها سازش بند نه ڪئي وئي ته پوءِ سنڌ جو عوام سنڌ دشمن قرار ڏيندو، ان جا نتيجا قبول نه ڪنداسين.

سنڌ ترقي پسند پارٽي جي اڳواڻن گلزار سومرو، حيدر شاهاڻي، حيدر ملاح، ڊاڪٽر سومار منڱريو، قادر چنا. ملاقات ۾ امتياز سائمن، نثار ڪيريو ۽ ٻين شرڪت ڪئي ٻين شرڪت ڪئي.

Read Previous

گهوٽڪي ۾ رمضان آرڊيننس جي ڀڃڪڙي تي 2 هوٽل سيل، 20 دڪاندارن تي ڏنڊ لاڳو

Read Next

جاتي تعلقي اسپتال ۾ سهولتن جي اڻهوند خلاف شهري ايڪشن ڪميٽي جو احتجاج

Most Popular