شهباز شريف ۽ آصف زرداري ۾ ملاقات ۽ ٻين سان ملاقاتون

ڪراچي : ن ليگ صدر شهباز شريف بلاول هائوس ڪراچي ۾ پ پ صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ڪئي آهي، جنهن ۾ ملڪي سياسي صورتحال سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف جي بلاول هائوس پهچڻ تي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پاڻ سندس آجيان ڪئي. ٻنهي اڳواڻن ۾ ملاقات جي موقعي تي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، فرحت الله بابر، نويد قمر، جڏهن ته ن ليگ طرفان احسن اقبال، مريم اورنگزيب ۽ محمد زبير سميت ٻيا اڳواڻ موجود هئا. ملاقات کانپوءِ ٻنهي جماعتن جي اڳواڻن گڏيل پريس ڪانفرنس به ڪئي. پ پ اڳواڻ نويد قمر صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته شهباز شريف ڏکئي وقت ۾ ڦَٽن تي مرهم رکڻ لاءِ ڪراچي آيو آهي، رڳو سنڌ نه ٻين صوبن ۾ به ٻوڏ جو خطرو آهي، هي وقت گڏجي ڪم ڪرڻ جو آهي. ن ليگ اڳواڻ احسن اقبال چيو ته اسان سنڌ ۾ برسات متاثرن سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ آيو آهيون، سنڌ جي عوام کي خاطري ٿا ڪرايون ته سڄو ملڪ انهن جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهي، متاثرن جي بحالي لاءِ قومي سطح تي آواز اٿاريو ويندو، متاثرن کي معاوضي جي ادائيگي لاءِ وفاق سنڌ حڪومت جي مدد ڪري. هن چيو ته هن حڪومت جي نااهلي ۽ ناڪامي ملڪ لاءِ عذاب بڻجي وئي آهي، نااهل حڪومت سبب ملڪي معيشت خطري ۾ آهي، ڪشمير جو عوام پاڪستان ڏانهن واجهائي رهيو آهي ۽ حڪومت کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته ڇا ڪجي.  احسن اقبال وڌيڪ چيو ته نواز شريف ۽ بينظير ڀٽو وچ ۾ ٿيندڙ معاهدي تي عمل جي ضرورت آهي، پارليامينٽ جي خود مختياري، جمهوري عمل لاءِ گڏجي جدوجهد ڪنداسين، ميثاق جمهوريت ۾ جمهوري، آئيني ۽ عوام جي حقن جي ڳالهه ڪئي وئي هئي. فرحت الله بابر چيو ته صدارتي نظام آڻڻ جي ڳالهه به ٿي رهي آهي، ملڪ ۾ هڪ طرفو احتساب ٿي رهيو آهي، گم ٿيلن جو مسئلو ڏينهون ڏينهن سنگين ٿيندو پيو وڃي، گم ٿيلن کي بنا دير آزاد ڪرايو وڃي. هن چيو ته ايف اي ٽي ايف جي قانون سازي تي پرڏيهي وزير اپوزيشن کي خط لکي ٿورا مڃيا، قانون سازي ۾ ن ليگ ۽ پ پ قومي ذميواري نڀائي، قانون جي آڙ ۾ حڪومت ڪارو قانون آڻڻ پئي چاهيو، حڪومت احتساب نه پئي ڪري، سياسي انتقام جي پاليسي تي عمل ڪري رهي آهي. فرحت الله بابر چيو ته اسان ايف اي ٽي ايف قانون سازي ۾ رنڊڪ ناهيون، ان جي آڙ ۾ حڪومت گم ڪرڻ جو قانون ٺاهڻ چاهي ٿي، اهو ماڻهن کي گم ڪرڻ جو قانون آهي، اسان ان جي اجازت نه ڏينداسين.

Read Previous

لاڙڪاڻي ۾ برسات بعد تباهي جو ڏيک، گهر ڊهي پٽ

Read Next

لاسٿ ملنگا آءِ پي ايل ۾ حصو نه وٺندو

Most Popular