متحده عرب امارات شاداب خان ۽ افتخار احمد کي گولڊن ويزا سان نوازي ڇڏيو

پاڪستاني ڪرڪيٽر شاداب خان ۽ افتخار احمد گڏيل عرب امارات (يو اي اي) مان تازو گولڊن ويزا حاصل ڪندڙ اسٽار بڻجي ويا آهن.

ٻنهي رانديگرن اعزاز حاصل ڪرڻ تي خوشي جو اظهار ڪندي دبئي جي ڊائريڪٽوريٽ آف ريزيڊنسي اينڊ فارنرز افيئرز جو شڪريو ادا ڪيو.

افغانستان خلاف ٽي 20 سيريز ۾ قومي ٽيم جي ڪپتاني ڪندڙ شاداب خان انسٽاگرام تي گولڊن ويزا ملڻ جي خبر شيئر ڪندي لکيو ته پاڪستان کان ٻاهر سڀ کان وڌيڪ وقت گڏيل عرب امارات ۾ گذاريو آهي.

يو اي اِي انتظاميا جا ٿورا مڃيندي هن چيو ته اهو هميشه گهر وانگر محسوس ٿيندو آهي، گولڊن ويزا حاصل ڪرڻ تي فخر آهي.

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ افتخار احمد چيو ته الحمدلله مون کي اهڙي ملڪ مان گولڊن ويزا ملڻ تي فخر آهي جنهن کي مان پنهنجو ٻيو گهر چئي سگهان ٿو.

Read Previous

شاداب خان ٽي 20 آل رائونڊر رينڪنگ ۾ 8 درجا ترقي ماڻي چوٿين نمبر تي اچي ويو

Read Next

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪوچنگ اسٽاف جي قيادت مڪي آرٿر ملڻ جو امڪان

Most Popular