شاداب خان ٽي 20 آل رائونڊر رينڪنگ ۾ 8 درجا ترقي ماڻي چوٿين نمبر تي اچي ويو

انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) پاران جاري ڪيل آل رائونڊر رينڪنگ ۾ شاداب خان 8 درجا بهتريءَ سان چوٿين نمبر تي اچي ويو آهي.

افغانستان خلاف تازي ختم ٿيل سيريز ۾ 100 ٽي ٽوئنٽي وڪيٽون حاصل ڪندڙ پاڪستاني رانديگر شاداب بالرز جي لسٽ ۾ 6 درجا مٿي چڙهي 12هين نمبر تي اچي ويو آهي.

محمد وسيم به ساڳي ڪيٽيگري ۾ ترقي حاصل ڪئي آهي، جيڪو نو درجا بهتريءَ کانپوءِ 23هين نمبر تي اچي ويو آهي.

آل رائونڊرز جي رينڪنگ ۾ بنگلاديش جو شڪيب الحسن پهرين، ڀارت جو هاردڪ پانڊيا ٻئي ۽ افغانستان جو محمد نبي ٽئين نمبر تي آهي.

Read Previous

حڪومت پارليامينٽ ۽ عدليه کي ٽڪراءَ ڏانهن ڌڪي رهي آهي، شيخ رشيد

Read Next

متحده عرب امارات شاداب خان ۽ افتخار احمد کي گولڊن ويزا سان نوازي ڇڏيو

Most Popular