پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪوچنگ اسٽاف جي قيادت مڪي آرٿر ملڻ جو امڪان

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪوچنگ اسٽاف جي قيادت مڪي آرٿر ڪندو ۽ سمورن معاملن کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي، ان جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو.

مڪي آرٿر اڳ به هيڊ ڪوچ طور ڪم ڪري چڪو آهي، سندس ڪوچنگ ۾ پاڪستان چيمپئنز ٽرافي کٽي هئي.

هن وقت مڪي ڊربي شائر سان به ڪم ڪري رهيو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته ايندڙ هفتي دوران پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪوچنگ اسٽاف کي حتمي شڪل ڏني ويندي.

ان حوالي سان پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ سمورا معاملا اڳ ئي حل ڪري ڇڏيا آهن، نيوزيلينڊ خلاف سيريز لاءِ نئون ڪوچنگ اسٽاف ذميواريون سنڀاليندو.

گرانٽ بريڊ برن کي مڪي آرٿر سان گڏ ڪوچنگ اسٽاف ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ويندو، بريڊ برن کي هيڊ ڪوچ جڏهن ته ڏکڻ آفريڪا جي فاسٽ بالر مورني مورڪل ۽ اينڊريو پيٽڪ کي بالنگ ۽ بيٽنگ ڪوچ جون ذميواريون ڏنيون وينديون.

Read Previous

متحده عرب امارات شاداب خان ۽ افتخار احمد کي گولڊن ويزا سان نوازي ڇڏيو

Read Next

عدالتي سڌارن وارو بل 2023 قومي اسيمبليءَ اتفاق راءِ سان منظور

Most Popular