عدالتي سڌارن وارو بل 2023 قومي اسيمبليءَ اتفاق راءِ سان منظور

اسلام آباد: قومي اسيمبلي ۾ عدالتي سڌارن بابت سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل 2023ع اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو.

اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي جو اجلاس شروع ٿيو ته سپريم ڪورٽ جي پريڪٽس ائنڊ پروسيجر بل بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي رپورٽ ايوان ۾ پيش ڪئي وئي، اسٽينڊنگ ڪميٽي جي رپورٽ چيئرمين محمود بشير ورڪ ايوان ۾ پيش ڪئي.

عدالتي سڌارن بابت سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل 2023ع جي شق وار منظوري ڏني وئي، بل 2023ع تي ريفرنڊم ڪرائڻ جي رٿ منظور ڪئي وئي.

محسن داوڙ ترميمي بل پيش ڪيو ۽ وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ ترميم جي حمايت ڪئي، محسن داوڙ چيو ته ڪراچي جي نسله ٽاور کي به پاڻمرادو نوٽيس تحت ڊاٿو ويو، هن تجويز ڏني ته اڳتي 184/3 جي متاثرن کي 30 ڏينهن اندر اپيل جو حق ڏنو وڃي.

پيپلز پارٽي محسن داوڙ جي ترميم جي حمايت ڪئي، جنهن کانپوءِ ماضي ۾ 184/3 جي متاثرن کي اپيل جو حق ڏيڻ واري ترميم منظور ڪئي وئي.

Read Previous

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪوچنگ اسٽاف جي قيادت مڪي آرٿر ملڻ جو امڪان

Read Next

ڪراچي جي عدالت پاران حسان نيازي کي ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم

Most Popular