ڪراچي جي عدالت پاران حسان نيازي کي ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم

حسان نيازي

پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي ڀائيٽي حسان نيازي کي ڪراچي جي مقامي عدالت پاران ضمانت منظور ڪرڻ باوجود ڪراچي پوليس جي حراست مان آزاد نه ڪيو ويو آهي.

ڪراچي پوليس حسان نيازي کي سخت سڪيورٽي ۾ جڊيشل مئجسٽريٽ آڏو پيش ڪيو ۽ ٻن هفتن جي جسماني رمانڊ جي استدعا ڪئي.

پي ٽي آءِ اڳواڻ جي وڪيل عدالت کي استدعا ڪئي ته هي ڪيس ڪوڙو ۽ بي بنياد آهي ۽ اهو صرف سياسي انتقام جي بنياد تي ٺاهيو ويو آهي.

عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ پوليس جي درخواست رد ڪندي پي ٽي آءِ اڳواڻ کي 50 هزار رپين جي ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.

Read Previous

عدالتي سڌارن وارو بل 2023 قومي اسيمبليءَ اتفاق راءِ سان منظور

Read Next

سپريم ڪورٽ جو رولز ٺاهڻ تائين پاڻمرادي نوٽيس جا سمورا ڪيس ملتوي ڪرڻ جو حڪم

Most Popular