سپريم ڪورٽ جو رولز ٺاهڻ تائين پاڻمرادي نوٽيس جا سمورا ڪيس ملتوي ڪرڻ جو حڪم

سپریم کورٹ

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ رولز ٺاهڻ تائين پاڻمرادي نوٽيس جا سمورا ڪيس ملتوي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

قرآن پاڪ جي حافظ کي 20 واڌو نمبر ڏيڻ بابت پاڻمرادي نوٽيس ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني خاص بئنچ فيصلو جاري ڪيو، بئنچ ۾ جسٽس امين الدين ۽ جسٽس شاهد وحيد شامل هئا.

عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته فيصلو هڪ- ٻه جي شرح سان جاري، رولز ٺاهڻ تائين آرٽيڪل 184 ٿري جا سمورا ڪيس ملتوي ڪيا وڃن، سپريم ڪورٽ رولز ۾ چيف جسٽس کي اسپيشل بئنچ ٺاهڻ جو اختيار ناهي.

عدالت چيو ته چيف جسٽس وٽ اختيار ناهي ته بئنچ جوڙڻ کانپوءِ ڪنهن جج کي ان مان الڳ ڪري، هڪ جج سپريم جڊيشل ڪائونسل کي جوابده ٿي سگهي ٿو پر جڊيشري نه.

Read Previous

ڪراچي جي عدالت پاران حسان نيازي کي ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم

Read Next

عمران خان ملڪي سلامتي ۽ آئيني ادارن کان وڌيڪ اهم آهي؟ قوم فيصلو ڪري، شرجيل ميمڻ

Most Popular