عمران خان ملڪي سلامتي ۽ آئيني ادارن کان وڌيڪ اهم آهي؟ قوم فيصلو ڪري، شرجيل ميمڻ

Sharjeel memon

ڪراچي: سنڌ جي اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته رياست پاڪستان ۽ قوم 75 سالن جي تاريخ ۾ ڪيترن ئي مشڪل مرحلن کي منهن ڏنو آهي پر عمران خان ۽ پي ٽي آئي جيڪي ٻاهرين طاقتن جي ايجنڊي تحت ملڪ ۾ ڏفيڙ پکيڙي آهي، ان جي مثال نٿي ملي.

پنهنجي بيان ۾ شرجيل ميمڻ چيو ته عمران خان رٿا بندي سان رياستي ادارن کي ٽارگيٽ ڪيو آهي، عمران خان جو پهريون ٽارگيٽ پارليمينٽ هئي، عمران پارليمينٽ کي ترجيح ڏيڻ جي بدران ڌرڻن ۽ لانگ مارچ کي هٿي ڏني، اقتدار ۾ اچي ڪري پارلمينٽ کي ڪائي اهميت ئي نه ڏني.

شرجيل انعام ميمڻ وڌيڪ چيو ته عمران خان آئين ۽ قانونن جي ڀڃڪڙي ڪندو رهيو، ڇا عمران خان پارليمينٽ کان وڌيڪ اهم آهن، عمران خان جو ٻيو ٽارگيٽ اليڪشن ڪميشن رهي ۽ هو اليڪشن ڪميشن جي ساک کي مسلسل نقصان پهچائيندو رهيو ڇا عمران خان اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کان وڌيڪ اهم آهي؟

هن چيو ته عمران خان جو ٽيون ٽارگيٽ عدالتون رهيون آهن، معزز جج صاحبان جا نالا وٺي ڌمڪيون ڏيندو رهيو، کليل نموني عدالتن جي توهين ڪندو رهيو، اڄ اسان جي انصاف واري نظام جي حالت سڀني جي سامهون آهي.

شرجيل ميمڻ چيو ته ڇا عمران خان عدالتن کان وڌيڪ اهم آهي، عمران جو چوٿون ٽارگيٽ ميڊيا ۽ صحافي بڻيا، صحافين تي حملا ڪرايا ويا ۽ لاپتا ڪرايو، نوڪرين مان فارغ ڪرايو، ٽي وي مالڪن کي ڪوڙن ڪيسن ۾ جيلن ۾ وڌو ويو، ڇا عمران خان ميڊيا کان وڌيڪ اهم آهي.

صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته عمران خان جو پنجون ٽارگيٽ پاڪستان جي فوج آهي هن چيو ته فوج ۽ اهم سڪيورٽي ادارن جي سربراهن خلاف سوشل ميڊيا تي گهنوني مهم هلائي پئي وڃي.

هن چيو ته اوڀر پاڪستان جو سانحو ٿيو، ملڪ ۾ آمرانه حڪومتون رهيون، ڀارت سان ٽي جنگيون ٿيون، پر قوم هميشه پاڪستاني فوج سان گڏ بيٺل رهي پر هاڻي عمران خان نوجوان نسل جي ذهنن ۾ ادارن جي خلاف زهر ڀري ڇڏيو آهي، هن سوال ڪيو ته ڇا عمران خان پاڪستان جي سلامتي جي ادارن کان وڌيڪ اهم آهي.

شرجيل ميمڻ چيو ته عمران خان جو ڇهون ٽارگيٽ پاڪستان جي معيشت رهي آهي، هو 2013 کان ملڪ ۾ غير يقيني جي صورتحال کي هٿي ڏني آهي، جنهن سان سيڙپڪار ڊڄي ويا، حڪومت ۾ آيا ته اناڙي کلاڙين کي خراني جو نگران بڻائي ڇڏيو، جنهن جا نتيجا ملڪ جي عوام اڄ تائين ڀوڳي رهي آهي، ڇا عمران خان ملڪ جي معيشت کان وڌيڪ اهم آهي.

هن چيو ته قوم فيصلو ڪري، ڇا عمران خان رياست پاڪستان ۽ پاڪستان جي آئيني ادارن کان وڌيڪ اهم آهي.

Read Previous

سپريم ڪورٽ جو رولز ٺاهڻ تائين پاڻمرادي نوٽيس جا سمورا ڪيس ملتوي ڪرڻ جو حڪم

Read Next

ملڪ کي نئون آئين ڏئي پارلياماني بالادستي لاءِ چونڊ ڪرائي وڃي، قادر مگسي

Most Popular