ملڪ کي نئون آئين ڏئي پارلياماني بالادستي لاءِ چونڊ ڪرائي وڃي، قادر مگسي

حيدرآباد ( رپورٽ: نسيم احمد سھتو) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته ملڪ تي وڌيڪ تجربا نه ڪيا وڃن، نئون آئين ڏئي پارلياماني بالادستي لاءِ چونڊ ڪرائي وڃي.

پنهنجي بيان ۾ ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته پاڪستان هن وقت جن بحرانن مان گذري رهيو آهي آهي، ان ۾ هن ملڪ کي نئين آئين ساز اسيمبلي جي ضرورت آهي.

ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته هن وقت پاڪستان نه صرف معاشي بحرانن مان گذري رهيو آهي پر سياسي ۽ آئيني بحرانن کي به منهن ڏئي رهي آهي.

ايس ٽي پي چيئرمين چيو ته جيستائين وفاق جي سمورين ايڪائين کي برابري جي بنياد تي حق نه ملندا، هڪ صوبي جو ادارن تي اثر رهندو.

Read Previous

عمران خان ملڪي سلامتي ۽ آئيني ادارن کان وڌيڪ اهم آهي؟ قوم فيصلو ڪري، شرجيل ميمڻ

Read Next

لاڙڪاڻي جي عدالت پاران پوليس اهلڪار جي قتل ڪيس ۾ 6 جوابدارن کي موت جي سزا

Most Popular