سيوهڻ ۾ رودناڻي برادري جي ماڻهن جو زمين تي مبينا قبضي ڪوشش خلاف احتجاج

سيوھڻ(رپورٽ: ياسين رند) يوسي جعفرآباد جي ديھ ڳيھر جي ڳوٺ ابراھيم رودناڻي ۾ رودناڻي برادري جي ھڪ ڌر پاران زمين تي مخالفن پاران قبضو ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاھرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي.

ھڪ ڌر سروي زمين تي قبضي جي ڪوشش خلاف ڳوٺ جي چڱي مڙس ابراھيم رودناڻي جي اڳواڻي ۾ پنهنجي زمين تي احتجاجي مظاھرو ڪري جوابدارن جي گرفتاري لاء سخت نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي متاثر ڌر جي چڱي مڙس ابراھيم رودناڻي، شاھ محمد، امير علي ۽ ٻين الزام ھڻندي چيو ته اسان جي برادري جي مخالف ماڻھن عمر رودناڻي، ميان بخش، يعقوب، غلام حسين روناڻي ۽ سندس پٽن اسان جي سروي ٿيل 18 ايڪڙ 35 گھنٽا زمين تي زبردستي قبضو ڪري رھيا آهن.

هنن چيو ته اسان پنھنجي زمين تان بند منڇر کي مضبوط ڪرڻ لاء ھڪ ٺيڪيدار کي مٽي کڻڻ جي اجازت ڏني آھي پر ڄاڻايل ڌر جا ڏوھاري ماڻھو زمين تي ھٿياربند ماڻهو ويھاري قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن.

ھنن سنڌ جي وڏي وزير ايم اين اي سردار سڪندر علي راھپوٽو، ڊي آئي جي حيدرآباد کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽس وٺي ان معاملي جي ڊي سي ڄامشورو ۽ مختيار ڪار سيوھڻ کان جاچ ڪرائي وڃي ۽ زمين تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي ۽ خونريزي کان بچايو وڃي.

Read Previous

هالا ۾ ڪار مان وڏي مقدار ۾ منشيات هٿ، بلوچستان واسي 2 جوابدار گرفتار

Read Next

پنجاب کانپوءِ، خيبرپختونخواهه ۾ به چونڊون 8 آڪٽوبر تي ٿينديون: اليڪشن ڪميشن

Most Popular