سنڌ ۾ گٽڪي، مين پوري ۽ ٻي منشيات خلاف صوبائي سطح تي ٽاسڪ فورس قائم

Manshyat gutko manpuri

سنڌ ۾ گٽڪي، مين پوري ۽ ٻي منشيات خلاف صوبائي سطح تي ٽاسڪ فورس قائم ڪئي وئي.

سنڌ پوليس جي ترجمان موجب انسپيڪٽر جنرل آف پوليس سنڌ غلام نبي ميمڻ اينٽي گٽڪا، مين پوري ۽ نارڪوٽڪس ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي.

ڪميٽي جي سربراهي ايڊيشنل آءِ جيز انويسٽيگيشن، آپريشنز ۽ اسپيشل برانچ ڪندو.

ترجمان جو چوڻ آهي ته ٽاسڪ فورس سنڌ پوليس جي رينج وار ڪميٽيون قائم ڪندي، انهن رينج وار ڪميٽين ۾ سٺي شهرت رکندڙ پوليس آفيسرن کي مقرر ڪيو ويندو.

پوليس ترجمان موجب ايس پي اسپيشل برانچ کي به انهن ڪميٽين ۾ شامل ڪيو ويندو.

Read Previous

لاهور هاءِ ڪورٽ اظهار جي آزادي کي دٻائڻ واري قانون کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو

Read Next

ثقلين مشتاق نيوزي لينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪنسلٽنٽ مقرر

Most Popular