جاتي ويجهو لنگهه بند ڪرڻ خلاف ڳوٺاڻن جو ڪمدار خلاف احتجاج

جاتي(رپورٽ: محمد موسيٰ ٿهيم) جاتي ويجهو ديھ تل ۾ راشدي فارم جي ڪمدار پاران ڳوٺاڻن جي رستن تي ديوين جا ڍنگر رکي روڊ بلاڪ ڪري کين گذرڻ کان روڪڻ خلاف رهواسين احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي صديق ڀاڏائي، مانجهي ڀاڏائي،غلام مصطفيٰ ڀاڏائي،گل حسن ڀاڏائي ٻين دانهيندي چيو ته راشدي فارم جي ڪمدار عارب ملاح اسان جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، اسان جا روڊ رستا بند ڪري اسان سان ناانصافي ڪري رهيو آهي جنهن ڪري اسان شهر مان سيدو سامن به وٺي نٿا سگهون.

هنن چيو ته ڪمدار ڊليوري جا ڪيس کڻي اسپتال ويندڙ ماڻهن کي به سرڪاري روڊ تان گذرڻ نٿو ڏي، روڊن تي ڪنڊا ۽ ديوين جا ڍنگر رکي هٿياربند ماڻهو بيهاري روڊ بند ڪري رهواسين کي پريشان ڪري پيو.

هنن چيو راشدي فارم جو مالڪ اسان کي تنگ نٿو ڪري پر سندس ڪمدار اسان جو تڏو تپائي ڇڏيو آهي، ڪڇڻ تي ڪمدار پنهنجا گنڊا فورس وٺي هٿيارن جي زور تي اسان سان وڙهي ٿو.

هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته اسان سان ناجائزي ڪري اچڻ وڃڻ جا روڊ رستا بند ڪندڙ ڪمدار عارب ملاح خلاق قدم کڻي اسان کي روڊ رستا کولرائي ڏنا وڃن.

Read Previous

عمرڪوٽ اين سي ايڇ ڊي استادن جو مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج

Read Next

ڀٽ شاهه صوفي ازم يونيورسٽي جي شاگردياڻي کي تحقيقي مقالي تي انعام سان نوازيو ويو

Most Popular