ڀٽ شاهه صوفي ازم يونيورسٽي جي شاگردياڻي کي تحقيقي مقالي تي انعام سان نوازيو ويو

مٽياري (رپورٽ: سيد آصف علي شاهه) يونيورسٽي آف صوفي ازم ائنڊ ماڊرن سائنس، ڀٽ شاھ جي شاگردياڻي پنھنجي قابليت جي بنياد تي تحقيقي انعام ماڻيو.

شُمائلا نالي شاگردياڻي پنھنجي قابليت ۽ علمي جاکوڙ جي ميدان ۾ پاڻ مڃرائيندي تحقيق جو انعام 2023 حاصل ڪيوآھي.

شمائلا انفرميشن ائنڊ ڪمپيوٽنگ ڊپارٽمنٽ، يونيورسٽي آف صوفي ازم ائنڊ ماڊرن سائنس ڀٽ شاھ آخري سال جي شاگردياڻي آھي، جنھن ڊاڪٽر علي رضا رنگ جي رھنمائي ۾ ھڪ تحقيقي پراجيڪٽ “ھيومن فالوئنگ روبوٽ” جي عنوان سان تحقيقي مقالو جمع ڪيو ھو.

تحقيقي مقالي کي پرکڻ کانپوءِ ان علمي ڪم کي ملڪي سطح تي مڃتا ملي آھي ۽ انعام سان پڻ نوازيو ويو آھي.

ان موقعي تي پروفيسر ڊاڪٽر پروين منشي، وائس چانسيلر، يونيورسٽي آف صوفي ازم ائنڊ ماڊرن سائنس، ڀٽ شاھ، پنھجا عميق ويچار ونڊيدي چيو ته اسان لاءِ انتھائي خوشي جي ڳالھ آھي ته پُٺتي پيل علائقن جون نياڻيون تعليم جي ميدان ۾ اڳڀريون ٿيڻ جي جاکوڙ ۾ آھن.

پاڻ شمائلا نالي شاگردياڻي جي قابليت تي اعتماد جو اظھار ڪندي چيائون ته يونيورسٽي آف صوفي ازم ائنڊ ماڊرن سائنس، ڀٽ شاھ ۾ جديد تعليم سان گڏ انساني ڀائيچاري جي ڄاڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ جو وسيع دائرو غور ۽ فڪر جو عمل پڙھايو وڃي ٿو.

هن شمائلا نالي شاگردياڻ ۽ ان جي سپروائيزر ڊاڪٽرعلي رضا رنگ کي انعام جي رقم چيڪ جي صورت ۾ ڏيندي ٻين شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ اتساھ پيدا ڪرڻ لاءِ کين رھنمائي جا بنيادي اصول ۽ قاعد سمجھايا.

Read Previous

جاتي ويجهو لنگهه بند ڪرڻ خلاف ڳوٺاڻن جو ڪمدار خلاف احتجاج

Read Next

ڪڪڙ ۾ ڳوٺاڻن جو ٻن نوجوانن کي کنڀي گم ڪرڻ ۽ تشدد خلاف احتجاجي مظاهرو

Most Popular