عمرڪوٽ اين سي ايڇ ڊي استادن جو مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج

Umerkot Teachers

عمرڪوٽ(رپورٽ: اسد علي ڀرڳڙي) عمرڪوٽ ۾ اين سي ايڇ ڊي استادن مطالبن جي منظوري لاءِ احتجاجي مظاھرو ڪيو.

اين سي ايڇ ڊي جي استادن طرفان امان الله بلوچ، رمضان سولنگي، الھداد کوسو، قائم سمون، ڀمرلال ڀيل، تلجارام، مير حسن، عبدالواھب، احسان علي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مطالبن جي مڃتا لاء پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو ڪري نعري بازي ڪئي ويئي.

احتجاج دوران استاد اڳواڻن دانھيندي چيو ته ٽن مھينن کان پگھارون نه ٿيڻ ڪري سخت پريشان آھيون ۽ اسان فاقاڪشي جو شڪار ٿي ويا آهيون.

ھنن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته اسان کي ريگيولر ڪري جيڪي سرڪاري استادن جون مراعتون ڏنيون وڃن.

اڳواڻن چتاءُ ڏيندي چيو ته ٽن مھينن جي رھيل پگھار عيد کان اڳ ۾ جاري ڪري بيچيني ختم ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو .

Read Previous

سانگهڙ ۾ ضلعي انتظاميا پاران رمضان بچت بازار لڳائي وئي

Read Next

جاتي ويجهو لنگهه بند ڪرڻ خلاف ڳوٺاڻن جو ڪمدار خلاف احتجاج

Most Popular