پاڪستان جي ڊيموڪريٽڪ سمٽ ۾ شرڪت نه ڪرڻ واري فيصلي تي آمريڪا جو ردعمل

آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ويدانت پٽيل هن هفتي واشنگٽن ۾ ڊيموڪريسي سمٽ مان پاڪستان جي ڌار ٿيڻ جي فيصلي تي ردعمل ظاهر ڪندي چيو ته پاڪستان هڪ خودمختيار رياست آهي ۽ ان کي پنهنجا فيصلا ڪرڻ جو حق حاصل آهي.

واشنگٽن ۾ صحافين کي بريفنگ ڏيندي ويدانت پٽيل چيو ته پاڪستان جي فيصلي سان ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن تي ڪو به اثر نه پوندو.

هن وڌيڪ چيو ته آمريڪا ۽ پاڪستان ڪيترن ئي معاملن تي گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن ۽ اسان جمهوريت، انساني حقن ۽ مذهب جي آزادي سميت ٻين معاملن تي گڏجي ڪم ڪندا رهنداسين.

پاڪستان ۽ ڀارت سان آمريڪا جي لاڳاپن بابت هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته آمريڪا پاڪستان ۽ ڀارت سان پنهنجي مضبوط لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو.

پاڪستان ۾ پابندي مڙهيل تنظيم ٽي ٽي پي پاران ڪيل دهشتگرد حملن ۾ واڌ جي حوالي سان ويدانت جو چوڻ هو ته اسان جي پاڪستان سان گهري سيڪيورٽي پارٽنرشپ آهي، جنهن ۾ دهشتگردي جي خلاف ڪوششون شامل آهن، مان تازن حملن جون رپورٽون ڏٺيون آهن، متاثرن سان تعزيت جو اظهار ڪندس.

Read Previous

صدر جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف ريفرنس واپس وٺڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

Read Next

سنڌ طاس معاهدي بابت ڀارتي حڪومت جي نوٽيس جو فوري جواب ڏنو، خورشيد شآهه

Most Popular