چيف جسٽس پاڻمرادو نوٽيس ڪيس ۾ جسٽس فائز عيسيٰ جي بينچ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو

Bandyal Isa

چيف جسٽس آف پاڪستان عمر عطا بنديال سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بئنچ جي پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ ۽ خاص بينچ ٺاهڻ بابت ڏنل ريمارڪس کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ، جسٽس امين الدين خان ۽ جسٽس شاهد وحيد تي ٻڌل بئنچ 2-1 جي اڪثريت واري فيصلي کانپوءِ سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار عشرت علي سرڪلر جاري ڪيو آهي.

سرڪيولر ۾ آئين جي آرٽيڪل 184 (3) تحت ٻڌڻيءَ هيٺ ڪيسن کي سپريم ڪورٽ رولز 1980 ۾ ترميمن جي تائين ملتوي ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.

3 رڪني بينچ ايم بي بي ايس/بي ڊي ايس ڊگري ۾ داخلا لاءِ حافظ قرآن کي 20 مارڪون ڏيڻ بابت پاڻمرادو نوٽيس ڪيس ۾ فيصلو جاري ڪيو.

جسٽس وحيد رمارڪس ۾ اختلافي نوٽ لکيو ۽ چيو ته آرڊر ۾ جيڪي نقطا اٿاريا ويا آهن، اهي ڪيس سان لاڳاپيل ناهن.

رجسٽرار پاران جاري ڪيل سرڪيولر ۾ چيو ويو آهي ته پيراگراف 11 کان 22 ۽ 26 کان 28 تائين ٻن کان هڪ جي اڪثريت واري فيصلي ۾ ڏنل ريمارڪس عدالت جي سامهون فهرست کان ٻاهر آهن ۽ پاڻمرادو نوٽيس جي اختيارن وارو دائرو استعمال ڪن ٿا.

ان ۾ وڌيڪ شامل ڪيو ويو ته ٽن ججن جي بينچ جي اڪثريت جو فيصلو عدالت جي وڏي بينچ پاران قائم ڪيل قانون جي ڀڃڪڙي آهي.

Read Previous

سنڌ طاس معاهدي بابت ڀارتي حڪومت جي نوٽيس جو فوري جواب ڏنو، خورشيد شآهه

Read Next

ڪراچي ۾ فوتي بلڊر جي پلاٽ تي غير قانوني طور گهڻ ماڙ عمارت ٺهڻ جو انڪشاف

Most Popular