ڪراچي ۾ راشن ورهائڻ دوران ڀاڄ، ٽن ٻارڙن ۽ عورتن سوڌو 12 ڄڻا لتاڙجي فوت، ڪيترائي زخمي

KHI Rashan taqseem

ڪراچي ۾ راشن ورهائڻ دوران ڀاڄ، ٽن ٻارڙن ۽ عورتن سوڌو 12 ڄڻا لتاڙجي فوت ٿي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.

سائيٽ ايريا نورس چورنگي تي هڪ فيڪٽري انتظاميا پاران زڪوات ۽ راشن جي ورهاست دوران اوچتو ڀاڄ پئجي وئي، عورتن ۽ ٻارن سميت 12 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.

راشن جي ورهاست واري هنڌ تي ڪرنٽ لڳڻ سبب ڀاڄ پئي، موجود نالي ۾ ڪِرڻ سبب به ٻار ۽ عورتون فوت ٿيون ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا، 15 زخمين کي سول ۽ عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو.

عباسي شهيد اسپتال ۾ 9 لاش آندا ويا، سول اسپتال ۾ ٻه لاش پهتا.، فوتين ۾ اڪثر عورتون ۽ ٻار شامل آهي، اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ آهي ته زڪوات جي رقم جي ورهاست لاءِ ماڻهن کي فيڪٽري ۾ گهرايو ويو هو.

ايس ايس پي ڪياماڙي جو چوڻ آهي ته فيڪٽري انتظاميا پوليس ۽ ضلعي انتظاميا کي مفت راشن جي فراهمي کان آگاهه نه ڪيو هو، مئنيجر سميت 7 ڄڻن کي حراست ۾ ورتو آهي، واقعي جي مڪمل جاچ ڪئي ويندي.

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه فيڪٽري ۾ واقعي جو نوٽيس وٺي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، فوتين جي وارثن لاءِ 5-5 لک رپيا ۽ زخمين لاءِ هڪ هڪ لک رپيا امداد ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري به فيڪٽري واقعي جو نوٽيس وٺي ڇڏيو، قيمتي انساني جانيون ضايع ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪندي ڪراچي جي ڪمشنر کان رپورٽ طلب ڪري ورتي.

Read Previous

ڪراچي ۾ فوتي بلڊر جي پلاٽ تي غير قانوني طور گهڻ ماڙ عمارت ٺهڻ جو انڪشاف

Read Next

راشن ورهائڻ دوران افسوسناڪ واقعو پيش آيو، ڪيس داخل ڪيو آهي: شرجيل ميمڻ

Most Popular