راشن ورهائڻ دوران افسوسناڪ واقعو پيش آيو، ڪيس داخل ڪيو آهي: شرجيل ميمڻ

Sharjeel memon

ڪراچي: سنڌ جي اطلاعات واري کاتي جي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سائيٽ ايريا ڪراچي جي علائقي ۾ خانگي فيڪٽري جي ٻاهران راشن ورهائڻ جي دوران افسوسناڪ واقعو پيش آيو آهي، جنهن ۾ ٻارن ۽ عورتن جون قيمتون حياتيون ضايع ٿيون آهن.

خانگي ٽي وي سان ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته فيڪٽري انتظاميا پوليس ۽ ضلعي انتظاميا کي راشن ورهائڻ بابت ڪابه اطلاع ڪونه ڏني هئي ۽ نه ئي اجازت ورتي هئي.

هن چيو ته فيڪٽري مالڪن خلاف ايف آئي آر داخل ڪئي وئي آهي ۽ ست ماڻهون گرفتار ڪيا ويا آهن.

صوبائي وزير چيو ته رمضان جي ڀلاري مهيني ۾ هر ڪو نيڪي جو ڪم ڪرڻ چاهي ٿو. هن سرندري وارن ۽ غيرسرڪاري تنظيمن کي اپيل ڪئي آهي ته نيڪي جي اهڙين سرگرمين بابت ضلعي انتظاميا ۽ پوليس کي اطلاع ڏني وڃي ته جئين مناسب سڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي.

هن چيو ته پوري پاڪستان ۾ اٽي جي ورڇ دوران پنجاب ۾ افسوسناڪ واقعا پيش آيا،ان کي مدنظر رکندي، سنڌ حڪومت حقدار خاندانن ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي اٽي جي خريداري جي رقم منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، ته جئين ان قسم جا واقعا پيش نه اچن.

Read Previous

ڪراچي ۾ راشن ورهائڻ دوران ڀاڄ، ٽن ٻارڙن ۽ عورتن سوڌو 12 ڄڻا لتاڙجي فوت، ڪيترائي زخمي

Read Next

اليڪشن ڪيس ۾ بئنچ ئي قبول ناهي ته فيصلو ڪيئن تسليم ڪنداسين، نواز شريف

Most Popular