پي ٽي آءِ جو عدليه ۽ آئين جي بالادستي لاءِ هم خيال سياسي پارٽين سان رابطن جو فيصلو

Imran khan

لاهور: اڳوڻي وزيراعظم عمران خان پي ٽي آءِ سنڌ کي آئين ۽ عدليه جي بالادستي لاءِ سياسي پارٽين ۽ سول سوسائٽي سان رابطا ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو آهي.

تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان سان سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ حليم عادل شيخ ۽ اڳوڻي گورنر عمران اسماعيل لاهور جي زمان پارڪ ۾ اهم ملاقات ڪئي.

عمران خان پي ٽي آءِ سنڌ جي اڳواڻن کي قانون جي حڪمراني ۽ آئين جي بالادستي لاءِ سمورين سياسي پارٽين ۽ سول سوسائٽي سان رابطن جو ٽاسڪ ڏنو.

پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته موجوده صورتحال ۾ عدليه تي حملا ٿي رهيا آهن، جيڪي روڪڻ لاءِ پوري قوم کي گڏ ڪرڻو پوندو، سموريون سياسي پارٽيون جيڪي آئين جي بالادستي لاءِ اٿڻ چاهين ٿيون، انهن سان رابطو ڪيو وڃي.

حليم عادل شيخ جو چوڻ آهي ته سنڌ جي سياسي، مذهبي، قومپرست پارٽين ۽ سول سوسائٽي سان به رابطو ڪيو ويندو، آئين جي بالادستي ۽ قانون جي بالادستي لاءِ سڄي قوم کي گڏ ٿيڻو پوندو.

Read Previous

پي ڊي ايم جو سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ جو بائيڪاٽ ڪرڻ جو فيصلو

Read Next

گورنر ڪامران ٽيسوري جي قافلي ۾ شامل پوليس موبائل سان حادثو، 2 اهلڪار زخمي

Most Popular