گورنر ڪامران ٽيسوري جي قافلي ۾ شامل پوليس موبائل سان حادثو، 2 اهلڪار زخمي

ڪراچي: گورنر سنڌ ڪامران خان ٽيسوري جي قافلي ۾ شامل پوليس موبائيل سان ڊفينس فيز 8 اتحاد ڪمرشل سگنل تي ٽرن ڪاٽڻ دوران حادثي ۾ ٻه پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا.

پوليس موجب خانگي ڪار نمبر AYL-627 جو پوليس موبائيل سان ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ 2 پوليس اهلڪار موبائيل تان هيٺ ڪري زخمي ٿي پيا.

زخمي اهلڪارن ۾ 42 سالن جو ڪانسٽيبل وقاص ۽ 32 ورهين جو ڪانسٽيبل نعيم شامل آهن، جن کي فوري طور تي طبي امداد لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو.

حادثي کانپوءِ گورنر سنڌ جناح اسپتال پهچي زخمين جي عيادت ڪئي ۽ انتظاميه کي هدايت ڪئي ته اهلڪارن کي علاج جون بهتر سهولتون فراهم ڪيون وڃن.

Read Previous

پي ٽي آءِ جو عدليه ۽ آئين جي بالادستي لاءِ هم خيال سياسي پارٽين سان رابطن جو فيصلو

Read Next

ن ليگ قيادت آئين تي حملي جو فيصلو ڪري ورتو آهي، شاهه محمود قريشي

Most Popular