ن ليگ قيادت آئين تي حملي جو فيصلو ڪري ورتو آهي، شاهه محمود قريشي

ڪراچي: پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته آئيني ترميم کانسواءِ سپريم ڪورٽ جا اختيار گهٽ نه ٿا ڪري سگهجن، اڄ 1997ع جي تاريخ ورجائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

ڪراچي ۾ ٻين اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته راڻا ثناءُ الله ڪالهه ججن تي حملي جي ڪوشش ڪئي، جڏهن ته ڀٽو صاحب جي ڏوهٽي به آئين تي حملو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اليڪشن ملتوي ڪرڻ لاءِ هر حربو استعمال ڪيو ويو آهي.

هن پ پ جي ڪالهه واري اجلاس تي تنقيد ڪندي چيو ته ن ليگ جي قيادت آئين تي حملا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته ٽن ججن خلاف ريفرنس داخل ڪيو ويندو، اها ڀٽو جي آئين جي ڀڃڪڙي هئي، انهن کي زردارين تباهه ڪيو.

شاهه محمود قريشي چيو ته تحريڪ انصاف آئين سان گڏ بيٺل رهندي، آئين چوي ٿو ته چونڊون 90 ڏينهن ۾ ٿيڻيون آهن ۽ ترميم کانسواءِ سپريم ڪورٽ جا اختيار گهٽ نه ٿا ڪري سگهو، پر اڄ ڪوششون جاري آهن، 1997ع جي تاريخ کي ورجائڻ لاءِ تيار ٿي ويا آهن.

Read Previous

گورنر ڪامران ٽيسوري جي قافلي ۾ شامل پوليس موبائل سان حادثو، 2 اهلڪار زخمي

Read Next

ٽن ججن خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جو نتيجو به ٻڙي ٿيندو، شيخ رشيد

Most Popular