ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) ٺٽي، سجاول ۽ بدين جي پولي ۽ مونو ٽيڪنڪ ادارن ۾ غريب شاگردن جون داخلائون ٿيڻ کانپوءِ رونقون بحال ٿي ويون.
اسٽيوٽا پاران جرمن تنظيم ويلٽ هنگر هلفي ۽ بي ايم زي جي سهڪار سان ٺٽي، سجاول ۽ بدين ۾ داخلائون ڪرايون ويون.
گورنمينٽ پولي ٽيڪنڪ ۽ گورنمينٽ مونو ٽيڪنڪ ادارن ۾ غريب ۽ بي پهچ شاگردن کي داخل ڪرائي رونقون بحال ڪيون ويون.
هن اداري جو بنيادي مقصد ماڻهن کي تجربن ۽ تحقيق وسيلي پائيدار ترقي وٺرائي پاڻڀرو ڪرڻ جي سگهه پيدا ڪرڻ آهي.