دادو ۾ شهرين جو بااثر وياجين جي ظلمن خلاف احتجاج

دادو ۾ شهرين جو بااثر وياجين جي ظلمن خلاف احتجاج

دادو (رپورٽ: سخي سردار چارڻ ) دادو شهر جي رهواسين گلزار ميمڻ، ماجد ميمڻ، عادل، رياض ميمڻ دادو پريس ڪلب پهچي با اثر وياجين خلاف احتجاج ڪيو.

گلزار ميمڻ ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي دانهيو ته سندس پٽ طفيل ميمڻ اعجاز ابڙو کان وياج کنيو هو ڪاروبار ۾ نقصان ٿيڻ تي وياج هڪ ڪروڙ تي پهچي ويو آهي.

هنن چيو ته طفيل ميمڻ کان اسان اڳ ئي لاتعلقي جو اظهار ڪري چڪا آهيون وياجين سندس طفيل خلاف ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪرايو، هن وقت هو جيل ۾ آهي، ان باوجود وياجي اعجاز ابڙو، منور ابڙو، تنوير ابڙو هٿياربند ساڻ ڪري گهر تي حملو ڪيو ۽ موتمار ڌمڪيون ڏئي گهر تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.

هنن چيو ته وياجين پاران ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائڻ جون پڻ ڌمڪيون ڏنيون آهن هنن چيو ته وياجين جا جنهن ڏي پئسا هئا اهو هن وقت جيل ۾ آهي ان باوجود اسان کي حراسان ڪيون پيو وڃي.

هنن آئي جي سنڌ، ڊي آئي جي حيدرآباد، ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪيو ته با اثر وياجين خلاف قانوني ڪاروائي ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

Read Previous

ڪوٽڙي-لاڙڪاڻو ٽريڪ بحاليءَ لاءِ سيتا ريلوي اسٽيشن تي احتجاج

Read Next

گهوٽڪي لڳ مبينا مقابلي دوران جاگيراڻي گينگ جا 2 ڌاڙيل مارڻ جي دعويٰ

Most Popular