گهوٽڪي لڳ مبينا مقابلي دوران جاگيراڻي گينگ جا 2 ڌاڙيل مارڻ جي دعويٰ

گهوٽڪي لڳ مبينا مقابلي دوران جاگيراڻي گينگ جا 2 ڌاڙيل مارڻ جي دعويٰ

گهوٽڪي(رپورٽ جلال بوزدار) گهوٽڪي لڳ پوليس مبينا مقابلي دوران جاگيراڻي گينگ جا 2 ڌاڙيل مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

مقابلي دوران مارجي ويل ڌاڙيلن جي سڃاڻپ علي حسن ولد محمد عمر جاگيراڻي ۽ ياسر عرف صدام جاگيراڻي طور ٿي.

پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل ڏوهارين جو تعلق جاگيراڻي گينگ سان هو، عورتاڻي آواز ذريعي ماڻهن هِرکائي اغوا ڪندا هئا.

پوليس موجب ڏوهارين مٿان گهوٽڪي، ڪنڌڪوٽ ۽ دُراني مهر سميت مختلف ٿاڻن تي ڦر، اغوا ۽ ڌاڙن جا ڪيترائي ڪيس داخل آھن.

ڊي آءِ جي سکر جاويد سونهارو جسڪاڻي ۽ ايس ايس پي تنوير تُنيو مقابلي ۾ حصو وٺندڙ اهلڪارن لاءِ انعام جو اعلان ڪيو آهي.

Read Previous

دادو ۾ شهرين جو بااثر وياجين جي ظلمن خلاف احتجاج

Read Next

Exactly how are Annual Standard Meetings Carried out?

Most Popular