لاهور ۾ عمران خان ۽ ٻين اڳواڻن خلاف پوليس تي حملي جو ڪيس داخل
پاڪستاني فاسٽ بالر نسيم شاهه جي تازو پوسٽ ڪرڪيٽر جي مڱڻي يا شادي جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي هلچل مچائي ڇڏي.
نسيم شاهه ايشيا ڪپ 2022 ۾ شاندار ڪارڪردگيءَ کانپوءِ مقبوليت حاصل ڪئي ۽ ان وقت کان وٺي ڪنهن نه ڪنهن سبب جي ڪري سرخين ۾ آهي.
ڪجهه ڏينهن اڳ 20 سالن جي فاسٽ بالر پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري تي هڪ تصوير شيئر ڪئي هئي، جنهن ۾ هو پنهنجي پيءُ ۽ هڪ ٻئي بزرگ سان گڏ ڊرائنگ روم ۾ ويٺو آهي.
نسيم شاهه کي ڪاري رنگ جي ٽي شرٽ پهريل هئي، مٿي تي نماز واري ٽوپي هئي، جڏهن ته سندس والد ۽ ٻيا روايتي لباس ۾ هئا.
ڪرڪيٽر تصوير جي ڪيپشن ڏيندي چيو ته الحمدلله تمام بهترين آهي، جڏهن ته نوجوان فاسٽ بالر هڪ نئين انسٽاگرام اسٽوري ۾ چيو ته پوئين پوسٽ مڱڻي يا شادي بابت نه هئي.