جهمپير جي سماجي اڳواڻ پاران 22 معذور ماڻهن جي عيد تي سهائتا جي خاطري

ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) تعلقي ٺٽي جي ڪوھستاني يوسي جھمپير جي ڪوھستاني مختلف جاکرا برادري جي ڳوٺن ۾ موجود بي سھارا، بي پھچ غريب مسڪين معذورن، گونگن ۽ بيواھ عورتن جي سرڪاري سطح تي ڪنھن بہ سار ناھي لڌي، جيڪي تنگدستي واري زندگي گذارڻ تي مجبور بڻيل آھن.

ڪوھستان جي سماجي اڳواڻ ڊاڪٽر لکمير پالاري پاران مذڪورہ ماڻھن جي سوشل ميڊيا توڙي پرنٽ ميڊيا تي ھليل خبرن جو نوٽيس وٺندي پاڻمرادو مختلف ڳوٺن جي 22 معذور ماڻھن جي مدد ڪرڻ جي حامي ڀريندي سندن عيد کان اڳ ھر ممڪن مدد ڪرڻ جي کين خاطري ڪرائي ڇڏي آھي.

صحافين سان ڳالھائيندي ڪوھستان جي سماجي اڳواڻ ڊاڪٽر لکمير خان پالاري ۽ محمد انور ڪوھستاني چيو تہ ڪوھستاني پٽي ۾ ڪافي اھڙا معذور ماڻھون آھن، جن جو الله کانسواء ٻيو ڪوبہ سھارو ناھي، اسان انھن جي ھرممڪن مدد ڪري انھن جون ضرورتون پوريون ڪنداسين، جيئن اهي به اسان سان گڏ عيد خوشين ۾ شامل ٿي سگھن.

ڊاڪٽر لکمير پالاري چيو ته اسان ھر وقت وس آھر ڪوھستاني ماڻھن جي ھر ممڪن مدد ڪري کين پنھنجا حق ڏياريا آھن، جن لاء اڃان بہ اسانجي جدوجھد جاري آھي.

ھن چيو ته سنڌ سرڪار، ضلعي انتظاميا سميت ڪوھستاني پٽي ۾ قائم مختلف ونڊ پراجيڪٽن وارن کي گهرجي ته ڪوھستان جي معذورن ماڻھن سميت ھر مستحق ماڻھو جي ھرممڪن مدد ڪن ته جيئن ڪوھستان جا ڏتڙيل بي سھارا، بي حال بڻيل معذور ماڻھون بھتر زندگي گذاري سگھن.

Read Previous

سانگهڙ ۾ پاڻيءَ جي ٽانڪي صاف ڪرڻ دوران فوجي نوجوان ڪري فوت

Read Next

سجاول ۾ صوبائي سيڪريٽري جي روانگي شرط بچت بازار ۾ لڳل اسٽال خالي

Most Popular