عمران نيازي هڪ فلاپ رانديگر آهي، سندس سياست ختم ٿي ويندي: عاجز ڌامراهه

حيدرآباد (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلزپارٽي سنڌ جي ترجمان ۽ سينيٽر عاجز ڌامراهه جي اعزاز ۾ يونين ڪائونسل 35 جي چيئرمين سيد غلام مصطفيٰ شاهه پاران آجياڻو ڏنو ويو ۽ عاجز ڌامراهه کي گهوڙن جي بگي تي ويهاري اسٽيج تي آندو ويو ۽ سندس دستاربندي ڪئي وئي.

ان موقعي تي سينيٽر عاجز ڌامراهه چيو ته سيد غلام مصطفيٰ شاهه کي يوسي 35 جو چيئرمين چونڊجڻ تي مبارڪباد پيش ڪيان ٿو ۽ اميد ڪيان ٿو ته سيد غلام مصطفيٰ شاهه يو سي 35 جي چيئرمين جي حيثيت سان عوام جا مسئلا سندن درن تي حل ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات جاکوڙيندو.

هن وڌيڪ چيو ته سيدغلام مصطفيٰ شاهه پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو نمائندو آهي ۽ پي پي پي جمهوريت تي يقين رکي ٿي اهو ئي سبب آهي جو پي پي پي تي پوري پاڪستان جي عوام ڀروسو رکندي آهي ڇاڪاڻ ته اسين عوام جي خدمت تي يقين رکون ٿا ۽ عوام جا مسئلا حل ڪرڻ جي منشور طرف گامزن آهيون.

هن چيو ته انشاالله بلاول ڀٽو ايندڙ چونڊن ۾ عوام جي ووٽن سان پاڪستان جو وزير اعظم چونڊجندو.

ان موقعي تي عاجزڌامراهه پي ٽي آئي جي چيئرمين تي تنقيد ڪندي چيو ته عمران نيازي هڪ فلاپ رانديگر آهي عمران نيازي سياسي تنزلي طرف گامزن ٿي ويو آهي.

هن چيو ته اها حقيقت هاڻي پاڪستان جي عوام سامهون اچي وئي آهي ته عمران نيازي ڪيترو ڪوڙو ۽ مڪار شخص آهي جيڪو پنهنجي فائدي لاءِ عوام ۽ ادارن کي استعمال ڪري رهيو آهي.

هن چيو ته هاڻي اهوبزدل شخص جيڪو پاڻ کي هڪ وڏو دلير سمجهي ٿو جي سياست دفن ٿي چڪي آهي جيئن ته اسان سڀني کي خبر آهي ته سنڌ جي شهري علائقن جن جي پي ٽي آئي وارا دعويٰ ڪندا هئا اڄ رب جي فضل سان انهن علائقن ۾ به پاڪستان پيپلزپارٽي نمائندا پارٽي جي حيثيت رکي ٿي.

هن چيو ته انشاالله عوام جي سهڪار سان ايندڙ عام چونڊن ۾ پي پي پي نه فقط سنڌ بلڪه پوري پاڪستان جي نمايندا پارٽي طور ڪاميابي حاصل ڪندي ۽ مخالفن کي بدترين شڪست نصيب ٿيندي.

آجياڻي جي موقعي تي عامر لغاري ، انور برو، ڪٽوڀائي ، عرفان قريشي ، ذاڪر برو، دانيال ابڙو ، بولا ڀائي ، عامر قريشي ، انجنيئر سڪندر حيات کان علاوه ٻيا پڻ موجود هئا.

Read Previous

ڪنڊياري ۾ انتظاميا جي حددخلين خلاف ڪارروائي، ڪيترائي صندل ۽ ريڙها ضبط

Read Next

زرداري ليگ قسم کنيو آهي ته هر ڀيري ڌانڌلي سان ايندي: لياقت جتوئي

Most Popular