اليڪشن ڪميشن 14 مئي تي پنجاب ۾ چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

اليڪشن ڪميشن اجلاس

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ طرفان پنجاب ۾ چونڊون ملتوي ڪرڻ وارو اي سي پي جو فيصلو غير آئيني قرار ڏيڻ بعد اليڪشن ڪميشن 14 مئي تي چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

اليڪشن ڪميشن اهڙو فيصلو اڄ چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي صدارت هيٺ سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي مشاورت لاءِ هڪ هنگامي اجلاس ۾ ڪيو.

چيف جسٽس عمر عطا بنديال، جسٽس منيب اختر ۽ جسٽس اعجاز الاحسن تي ٻڌل سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ 8 آڪٽوبر تي چونڊون ڪرائڻ واري اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي غير آئيني قرار ڏئي ڇڏيو هو.

سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي گذريل چونڊن جو شيڊول بحال ڪرڻ جو حڪم ڏيندي 13 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي.

سپريم ڪورٽ واضح ڪيو ته اليڪشن ڪميشن 90 ڏينهن جي مقرر مدي کان اڳتي نٿي وڌي سگهي ۽ چيو ته اليڪشن ڪميشن جي غير قانوني فيصلي سبب 13 ڏينهن ضايع ٿيا.

عدالت پنجاب جي نگران حڪومت کي اليڪشن ڪميشن جي مدد ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته جيڪڏهن حڪومت انڪار ڪري ته اليڪشن ڪميشن کي آگاهه ڪيو وڃي، آئين ۽ قانون اليڪشن ڪميشن کي تاريخ وڌائڻ جي اجازت نٿو ڏئي.

فيصلي موجب اميدوار 10 اپريل کان نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي سگهندا، اليڪشن باڊي 19 اپريل تي اميدوارن جي لسٽ جاري ڪندي ۽ 20 اپريل تائين چونڊ نشان جاري ڪيا ويندا.

Read Previous

سعودي عرب پاران پاڪستان کي 2 ارب ڊالرز جو فنڊ ڏيڻ جو اعلان

Read Next

اسين نٿا مڃون ته انصاف جو به ڪو ادارو آهي، بلاول ڀٽو زرداري

Most Popular