اسين نٿا مڃون ته انصاف جو به ڪو ادارو آهي، بلاول ڀٽو زرداري

بلاول ڀٽو زرداري

گمبٽ (رپورٽ نعمت الله شيخ )پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسين نٿا مڃون ته انصاف جو به ڪو ادارو آهي، تخت لاهور جي جنگ ملڪ کي لوڙهي ڇڏيندي.

پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري گمبٽ ۾ پاڪستان جي پهرين ڦڦڙن جي ٽرانسپلانٽ يونٽ ۽ ملڪ جي پهرين هيلٿ سٽي اينڊ ميڊيسن يونٽ جو افتتاح ڪري ڇڏيو.

خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سنڌ حڪومت عالمي معيار جو ميڊيڪل انفراسٽرڪچر ٺاهيو، جيڪو ٻين صوبن کان ڪافي اڳتي آهي، هي صوبائي نه پر هڪ قومي ادارو آهي، جتي ٻين صوبن کانسواءِ آزاد ڪشمير ۽ گلگت مان به مريض اچن ٿا.

هن چيو ته جيڪڏهن سياسي پارٽين کي اسپيس ڏني وڃي ها، نفرت، ورهاڱي ۽ گار گند جي سياست بدران ڊليوري، نظريي ۽ منشور جي سياست تي مقابلو ڪيو وڃي ها ته اهو ملڪ ۽ قوم لاءِ فائديمند ٿئي ها.

هن چيو ته افسوس جي ڳالهه آهي ته طاقتور طبقي هتي جي هر نسل سان کيڏيو، آصف علي زرداري پنهنجا اختيار پارليامينٽ کي ڏني، اڄ چيف جسٽس پنهنجا اختيار پنهنجي ڀاءُ ججن سان شيئر ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.

سندس چوڻ هو ته انهن ئي عدالتن قائد عوام کي موت جي سزا ڏني ۽ اڄ تائين ڪنهن به جج کي شرم ناهي آيو ته ساڻس انصاف ڪري، سڄي پاڪستان کي ليڪچر ڏين ٿا ته ڪرپٽ ڪير آهي ۽ سسلين مافيا ڪير آهي.

هن چيو ته هتي اسان جي لاڙڪاڻي ۾ اچي جج کي چماٽ وهائيندا آهن، جڏهن موجوده چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس هو ته ننڍن صوبن جي حقن کي نظرانداز ڪندي ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ جو حڪم ڏنو.

Read Previous

اليڪشن ڪميشن 14 مئي تي پنجاب ۾ چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

Read Next

چونڊن جي فيصلي تي جج ئي متفق ناهن ته عوام ڪيئن ٿيندو؟ مراد علي شاهه

Most Popular