چونڊن جي فيصلي تي جج ئي متفق ناهن ته عوام ڪيئن ٿيندو؟ مراد علي شاهه

مراد علي شاهه

گمبٽ (رپورٽ نعمت الله شيخ ) وڏي وزير مراد علي شاهه حضرت سچل سرمست جي 202هين سالياني عرس جو افتتاح ڪري ڇڏيو، وڏي وزير چيو آهي ته چونڊن جو اختيار اليڪشن ڪميشن جو آهي، پ پ اليڪشن کان ڪڏهن به نه لنوائيندي.

وڏي وزير مراد علي شاهه هفت زبان صوفي شاعر ۽ بزرگ دولھ درازي حضرت سچل سرمست جي سچل مزار تي گلن جي چادر چاڙهي سالياني 202 عرس مبارڪ جي سرڪاري تقريبن جو افتتاح ڪيو، خصوصي مهمانن مزار تي فاتحه پڙهي ملڪ ۽ قوم جي خوشحالي لاءِ خاص دعائون گهريون.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت صوبي ۾ امن و امان لاءِ فنانسنگ ڪري پئي، پوليس جو ڪچي ۾ هينئر به آپريشن هلي رهيو آهي.

مراد علي شاهه چيو ته برساتن سبب حضرت سچل سرمست جي درگاھ متاثر ٿي، ساڳئي حالت ۾ بهتر رٿا بندي تحت جلد مرمت ڪرائينداسين.

وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو ته سنڌ صوفين جي پيار امن ۽ محبت جي ڌرتي آهي انهن ئي صوفين جي ڪري سنڌ هميشه قائم رهندي.

ان موقعي تي سچل يادگار ڪميٽي پاران شايع ٿيل سرمست نمبر 42 ۽ سووينيئرنمبر 32، سنڌ اطلاعات کاتي پاران شايع ٿيل خصوصي رسالو ”سچل سودو سچ جو“ جو مهورت پڻ ٿيو.

تقريب جي آخر ۾ سچل ايوارڊ ماڻيندڙ گلوڪار صوفي راڳين سلامت سهراب فقير ۽ ٻين سنگ جي صورت ۾ سچل جو ڪلام پيش ڪيو ۽ محفل تي وجد طاري ڪري ڇڏيو.

Read Previous

اسين نٿا مڃون ته انصاف جو به ڪو ادارو آهي، بلاول ڀٽو زرداري

Read Next

حڪومت جو سپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف اڄ قومي اسيمبليءَ ۾ ٺهراءُ آڻڻ جو اعلان

Most Popular